SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


AL Arab League

(click word to listen sound
  • 🔊
  • al
  • ærəb
  • liːg
  • )

From the Dictionary of International Relations:

AL Arab League

عرب ليگ

عرب ليگ

22 مارچ 1945ع تي قاهره (مصر) منجهه ”ليگ آف عرب اسٽيٽس“ جي نالي سان وجود ۾ ايندڙ هيءَ تنظيم عرب ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچارو ۽ امن وڌائڻ لاءِ قائم ٿي. ان کانسواءِ اڻهوند وارن ۽ غريب عرب ملڪن کي ترقي وٺرائي پاڻ ڀرو ڪرڻ جهڙن مقصدن کي به هن تنظيم جي پروگرام ۾ اهميت حاصل آهي. ليگ جي بنيادي ميمبرن ۾ مصر، لبنان، عراق، شام، سعودي عرب، يمن ۽ فلسطين نمائندا اچي وڃن ٿا. ٻين ميمبرن ۾ الجيريا، بحرين، ڪوموروس، جبوتي، اردن، ڪوويت، لبيا، ماريطانيا، مراڪش، اومان، قطر، صوماليا، سوڊان، تيونس ، گڏيل عرب امارتون شامل آهن. هن مهل ليگ عربن جي سياسي ثقافتي ۽ معاشي مفادن جي تحفظ جي سلسلي ۾ اهم ترين فورم جي حيثيت رکي ٿي. تنظيم جو هيڊڪوارٽر قاهره ۾ آهي ۽ سندن نئون چونڊيل سربراهه (Secretary) مصر جو اڳوڻو پرڏيهي وزير امر موسيٰ آهي، اڄڪلهه ان جي ميمبرن جو تعداد 22 آهي. عرب ليگ اسرائيل جي اڳرائي پسنديءَ جي سخت مخالف رهي آهي، پر ميمبرن ۾ اختلاف سبب ان ڏِس ۾ ڪو به جوڳو اپاءُ نه وٺي سگهي آهي


Remember Me Also:

پلاندي

ث. ڪپڙي جو پوڇڙُ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal