SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڳچيءَ ۾ ڪپڙو، وات ۾ گاههُ، پيرين پوندي، آخوند ماءُ.


ڦلواڙي (سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون) ۾:


ڳچيءَ ۾ ڪپڙو، وات ۾ گاههُ، پيرين پوندي، آخوند ماءُ.

هيءَ تاريخي پهاڪو آهي، ارغون، ترخان ۽ خاص ڪري مغل دور ۾ ڌارين جي فوج سان وڙهندڙ سنڌي ويڙهاڪ قبيلن جي ڳوٺن تي فوج هلان ڪري ڳوٺ تاراج ڪري، ماڻهو گرفتار ڪري کڻي ويندي هئي، تڏهن قبيلن جا چڱا مڙس ۽ آخوند ڳچيءَ ۾ ڪپڙو ۽ وات ۾ گاهه وجهي، ڳچيءَ ڳاراٺا ڪري معافيون وٺي گرفتار ٿيلن کي ڇڏائيندا هئا. اها سندن حڪمت عملي هوندي هئي. ڪو ماڻهو پنهنجي ڪم لاءِ ڪنهن ڏاڍي ماڻهوءَ اڳيان نيچپڻو ڏيکاري راضي ڪرڻ لاءِ جتن ڪري ته ائين چوندا آهن.


Remember Me Also:

جهورڻ

مصدر. ڀورڻ. ڀَڃڻ ، ٽُڪَر ڪرڻ ، ڀُڪا ڪرڻ. زبون ڪرڻ. ڏکوئڻ ، ايذائڻ ، زخمي ڪرڻ. ڏسو ”جهرڻ“.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal