هن قسم جي شاعريءَ ۾ عورت جي زباني محبوب جي خدمت جو جذبو ظاهر ڪيل ۽ آزي ۽ نيزاري ڏيکاريل هوندي آهي. هن شعري صنف ۾ خدمت جي اظهار لاءِ وراڻي۾ ”گهڙولي ڀرڻ“ لفظ ضرور ايندو آهي. انهيءَ ڪري اهو نالو پيو اٿس. سنڌي ادب ۾ پهرين گهڙولي حضرت سچل سرمست جي ملي آهي، جيڪا سرائڪيءَ ۾ آهي. ان کان پوءِ، ڪيترن شاعرن سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ گهڙوليون چيون آهن. فني سـِـٽا جي لحاظ کان ڪي گهڙوليون بيتن ۾، ته ڪي وري بندن تي مشتمل هونديون آهن. سچل سرمست جي گهڙولي ننڍن بندن تي ٻڌل آهي، جنهن جي هر بند ۾ ٻه ننڍيون مصرعون آهن، جيڪي پاڻ ۾ هم قافيه آهن. انهن جي پويان وراڻي اچي ٿي. مئن تان گهڙولي ڀرِندي هان پير پيران، حضرت ميران، نام ڳڌي جنهن ٽٽن زنجيران، ڪامل مرشد ڪردي هانآ مئن تان گهڙولي.... (سچل)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal