
گَڙنگُ جمع گَڙَنگَ
ذ . صفت. تمام وڏو ، شاهوڙ ، ڳَرو ، ڀاري ، گڙاگ. شاهي ، چالاڪ ، حرفتي. ڍُٽو چور. وڏو شاهوڪار ، ڊِنگ ، وڏو موالي ، گهڻو نشو واپرائيندڙ ، گهَنڊُ. اسم خاص.. ڀٽ شاهه کان اڌ ميل پري هڪ مڪان جو نالو جتي شاهه صاحب جن هڪ ڪنڊيءَ هيٺ ويهندا هئا. پير صاحب پاڳاري
گِڙَنگ
اسم خاص. تعلقي ڊگهڙيءَ ۾ هڪ ديهه جو نالو.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
گُڙنگ
ڦِٽل درياھه جو گَسُ، ڍورو، جنھن ۾ جڏھن ٻوڏ جو پاڻي لھي ويندو آھي، تڏھن به پاڻي بيٺو ھوندو آھي ۽ اُن ۾ نيلوفر جا گل ڦُٽڻ سان گڏوگڏ ڪيئي سانگي پکي ۽ آڙيون ٽولن جي صورت ۾ نظر اينديون آھن.
شفق، پاڻيءَ گُڙنگ ۾، نيلوفر جا گلَ
ويندا اوندھه ۾ ٻُڏي، سارا آڙي
گُڙنگ سان لاڳاپيل لفظ
حق ناشناس
ذ. صفت. احسان فراموش ، ناشڪر گذار.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal