
ڦلواڙي (سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون) ۾:
هيءَ تاريخي چوڻي آهي جيڪا اڄ به ڪنهن ڏاڍ، ظلم ۽ انياءَ تي سنڌ جي ماڻهن واتان بي اختيار نڪري ويندي آهي. سنڌ تي مدد خان پٺاڻ سميت ڌاريان ڦورو ۽ حملي آور هلان ڪري ڦرلٽ ڪندا هئا ۽ ڳوٺن کي ساڙ ٻار ڪري تباهه ڪري ڇڏيندا هئا. سنڌ جا ماڻهو جڏهن ڌارئين لشڪر کي پري کان ايندي ڏسندا هئا ته ٻين کي ڄاڻ ڏئي هوشيار ڪرڻ لاءِ واڪا ڪري ائين چوندا هئا.
گهٻي
ث . راند جو هڪ قسم جنهن ۾ هڪ ننڍڙي کڏ کوٽي اُنهيءَ ۾ پئسا اُڇلائبا ۽ جيڪو اڳ ۾ گهُٻَ ۾ پئسو وجهندو آهي اُهو ٻين جي رکيلن پئسن کي ڌڪ چُٽِيندو آهي، ڌڪ لڳڻ جي حالت ۾ پئسو کَٽيندو آهي. ڊٺ. ت.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal