SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


گهمڻ


:جامع سنڌي لغات ۾

گهمڻ

گهَمَڻُ جمع گهَمَڻَ

ذ . صفت. تمام وڏو ، جبرو ، جُنگ ، جوڌو ، پهلوان ، بانڪو ، بهادر.

گهُمَڻُ

مصدر. سن . گمن< گهُورن= گهمڻ هلڻ ، رمڻ ، چلڻ ، ڦرڻ ، پنڌ ڪرڻ ، ٽُرڻ ، ڦرڻ ، ڄنگهون ساهڻ ، ٽهلڻ ، شئل ڪرڻ ، سير ڪرڻ ، تفريح ڪرڻ ، ڏسڻ ، وائسڻ ، چڪر هڻڻ ، پسار ڪرڻ ، رلڻ ، ڀٽڪڻ ، ڀڻڻ، ڀنوڻ ، لٽڪڻ ، وَتَڻ ، ڀرمڻ ، ٽلڪڻ ، اُجهڙڻ. چوڌاري ڦرڻ ، چِڪلِي پائڻ ،

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


سرائڪي سنڌي لغت مان:

گهمڻ

سرائڪي : گھمڻ

سرائڪي ۽ سنڌي: گھمڻ/گهمڻ

گهمڻ، ڦرڻ، سير سفر ڪرڻ، سير سپاٽو ڪرڻ، چڪر ڏيڻ


گهمڻ سان لاڳاپيل لفظ


.


گهمڻ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آڪڙجي ھلڻ، غرور ۽ ٽانءِ سان گهمڻ
  • آڪڙيو گهمڻ
  • اُڀو لَمو گهمڻ
  • اڀو لمو گهمڻ
  • اکين اڳيان گهمڻ
  • بـنا لغام گهمڻ
  • بنان لغام گهمڻ
  • بيڪار گهمڻ، رلڻ، گهمڻ
  • بِنا لغام گهمڻ
  • رولو، ٻيلي جو عملدار، گهمڻ
  • سير ڪرڻ، کُليل ميدان ۾ گهمڻ
  • شڪار يا ڦرلاءِ گهمڻ
  • مُنھن مَکي گهمڻ
  • مُڇن کي تيل لائي گهمڻ
  • وائِکو گهمڻ
  • وائکو گهمڻ
  • واھه جا ڪَنا گهمڻ
  • ڀٽڪڻ، آوارهه ڦرڻ، هيڏي هوڏي گهمڻ
  • چاپلوسي ڪرڻ، اڳيان پويان گهمڻ
  • ڦيريون پائڻ، گهمرا پائڻ، آڪڙجي ھلڻ، ناز نخري سان گهمڻ
  • ڦِڏيءَ جو ڦوڙن ۾ گهمڻ
  • ڪا به بندش يا روڪ ٽوڪ نه ھجڻ،ڇڙواڳ ٿي گهمڻ
  • وڌيڪ نتيجا ڏسو....


    .


    گهمڻ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    پلاند پائڻ

    پَلءُ جهلڻ ، جهولي جهلڻ. سوال ڪرڻ. منٿ ڪرڻ ، آزي ڪرڻ. مدد وٺڻ.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

    جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal