SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


گهاتو (سُر)


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

گهاتو (سُر)

(Ghatoo)

گهاتو لفظ جي لغوي معنيٰ آهي: ”مڇي مار“. سنڌيءَ ۾ان جو مطلب آهي: ”تاڪ ۾ ويٺل شڪاري“ يا ”سمنڊ ۾ مڇيءَ جو شڪار ڪندڙ ٽوٻو“. شاهه لطيف جي سـُر گهاتوءَ ۾ مورڙي ميربحر جي بهادري ۽ شجاعت جو ذڪر آهي. هن سر ۾ دنيا کي مها ساگر جي صورت ڏني وئي آهي ۽ ان جي خوف ۽ خطرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مورڙو ۽ سندس ڇهه ڀائر ڪلاچي ]هاڻوڪي ڪراچي[ جي سمنڊ ۾ وڏي مهارت ۽ فن سان مڇيءَ جا شڪاري هئا، جڏهن ”ڪلاچي جي ڪن“ تي مانگر مڇن قبضو ڪري، مهاڻن جي معاشي وسيلن تي وار ڪيو ته، انهيءَ قبضي کي ڇڏائڻ لاءِ ”مورڙي“ جا ڇهه ڀائر مانگر مڇ سان بهادريءَ سان مقابلو ڪندي مارجي وڃن ٿا. انتقام جي باهه مورڙي کي سمهڻ نٿي ڏي، جيتوڻيڪ هو هڪ ڏٻرو ۽ معذور انسان هو، پر ”رٿابندي“ ڪري نيٺ انهيءَ مانگر مڇ سان مهاڏو اٽڪائي، ان کي ماري ڀائرن جو بدلو وٺي ٿو ۽ ڪاميابي ماڻي ٿو. شاهه لطيف علامتي طور ان قصي کي ڳاتو آهي.


Remember Me Also:

وهنجارڻي

وِهِنجارڻِي جمع وِهِنجارِڻِيُون

ث . مُردي وغيره کي غسل ڪرائڻ جو خرچ يا مزوري.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal