SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


گرمکي رسم الخط


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

گرمکي رسم الخط

(Gurmukhi Script)

گرمکي رسم الخط بنيادي طور تي سکَ پنجابي لکتن لاءِ استعمال ٿيندو آھي، پر سنڌي لکت لاءِ بھ ھن رسم الخط جي تاريخ پراڻي آھي. چيو وڃي ٿو ته گرمکي رسم الخط، برھمي ۽ ديوناگري لپين مان جڙيو آھي، پر ڪجهه حرف ان ۾ ديو ناگريءَ کان به پراڻا آھن. سک مذھب جي گرونانڪ ۽ ٻين گـُرن جو ڪلام ۽ مذھبي چوڻيون ھن رسم الخط ۾ محفوظ آھن. ھن رسم الخط جي سُڌاري ۾ گرو آريڻ جو وڏو ھٿ ھو. ھن نه صرف ڪن حرفن کي ملائي بھتر بڻايو، پر ڪن حرفن کي جوڙي رسم الخط ۾ شامل ڪيو. گر مکي الف. ب کي پبنيٽس اکري (اڌ اکري) چيو ويندو آھي، ڇو ته ھن ۾ ڪل 35 حرف ٿين ٿا. گرمکي رسم الخط جي گجراتي رسم الخط سان به ڪافي ھڪ جھڙائي آھي.گر مکيءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اٽڪل 1610ع ۾ ھن رسم الخط ۾ اصلاح ۽ تبديلي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جي اصل آوازن ڳ، چ، ڏ، ٻ کي ان رسم الخط ۾ لکڻ لاءِ ھيٺيان ليڪ ڏبي يا ٽٻڪا لڳايا ويندا آھن.


Remember Me Also:

تبدل

ذ. [ع. بَدَلَ < تَبَدل = بدلجڻ] بدل سدل ، ڦيرگهير. تبديلي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal