ڪُتَهِڙ (ت)
ث. گهڻا ڪتا ، ڪتن جو گلو ، ڪتن جو وَلَرُ. ڪُتن واري جُوءِ.
ڪُهَڙُ جمع ڪُهَڙَ
ذ. سن. ڪُ = خراب + ارڻيه = جهنگ ٻَنيءَ وغيره مان نڪتل وڻن جون پاڙون ڍنگهر، ڪک ڪهڄر وغيره جو ڪيل ڍڳُ. ڪنڊين يا لين جي ننڍن ٻوٽن جو جهڳٽو ، گهاٽي جهنگ جو ويڙهو ت.
ڪُهِڙَ جمع ڪُهِڙوُن (ٿ)
ث. ڀوڻ جي جهلڻ لاءِ کوهه جي منهن تي رکيل ٻسانگيون ٿوڻيون جن مٿان ڀوڻ ٻڌل جنهن تي ورت رکبي.
ڪُهُڙُ جمع ڪُهُڙ
ذ. ٻٻر جي ڇانگ ، ڍنگرن جو ڍڳ ، پَتَر ، ڇَنو ، ڇَپَرُ ، ڇَپرو. صفت. دلير ، ڏاڍو مڙس ، بهادر ، وِير ، شير مڙس ، بانڪو.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
وڍيل جهنگ جو ساڙڻ لاءِ ڪيل ڍڳ
ڪُهڙ سان لاڳاپيل لفظ
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal