
ڪَههَ جمع ڪَهُون
ث. سن. ڪَرش = ڇِڪَڻ ، گِهلَڻُ وڏو بند ، وڏو ڪشالو ، ڳَهَه ، ڏولائو ، ڏاکڙو ، جاکوڙ ، مزوري ، جاکوڙو ، سفر ، مسافري. ڪاههَ ، چُلهه ، رومڙ ، حملو. گفتگو ، ڳالهه ٻولهه ، گفتار. آکاڻي ، ڪهاوَتَ ، ڪهاڻي. ذرڙو ، پِٿَ ت. ڪٿ ، اندازو ، تخمينو ، اٽڪل روءِ.
ڪَههُ جمع ڪَههَ
ذ. صفت. سن. ڪَرش = ضعيف ٿيڻ. ڏوکڙانئون ، ٿَڪائو ، ٿڪائتو ، وِرچائو ، محنت وارو ، محنائتو ، ڏکيو ، اٺ ڪاٺيو ، اهنجو ، دُشوار ، مُشڪل ، اڻاگو. هَڄُ ٿيل ، ٿڪل ، بيزار ، ڪَڪُ ، خَفي.
ڪُههُ
ڪهڻ مصدر جو امر حلالُ ڪر ، تڪبير وجهه. ضمير. سن. ڪوَ = ڇو. ڇو ، ڇالاءِ ، ڇا.
ڪَهِه (ل)
ث. مڪڙن جا بي شمار ٻچا جي اُڏامي نه سگهن. اثَرُ ، تاثيرُ.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
ڪَهُه
ھلُ، اڳتي وڌُ.
پوئين ويرَ به ڪَھه، ڪٿي ساھه نه پيرڙا
روھه نه ويھي رَھه، متان سج لھي وڃي!.
(اَڪن نِيرا ڦُليا 26)
ڪَهُه سان لاڳاپيل لفظ
پير مغان
ذ. آتش پرستن جو پيشوا. آتش خاني جو مُجاوِرُ. شرابخاني جو مالڪ ، ساقي.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal