ڪَلَ جمع ڪَلُون
ث. سن. ڪَل = ڄاڻڻ. سُڌَ ، سَمَاءُ ، خَبَرَ ، ڏَسُ ، پتو ، معلومات ، سَمَڪَ ، پَرُوڙَ ، ڄاڻ. رازُ ، ڳُجههُ ، ڀيدُ ، اَنتُ ، اندر جو حالُ. ٻاڦ وغيره تي هلندڙ اوزارُ ، انجڻ ، مشين ، ڪم ڪرڻ جو اوزارُ ، پرزو ، سانچو ، سَنجَٽُ ، آلات. ٽل ، ڦندو ، ڄاڻ ، حڪمت
ڪَلُ جمع ڪلَ
ذ. ف. ڪَلاءَ = سائي گاهه وارو ميدان. ناگر موٺ قسم جو هڪ گاهه ، گهڻي پاڻي يا ڍنڍ ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ قسم جو گاهه.
ڪِلُ جمع ڪِلَ
ذ. پرا. کِيلي. سن. کيل < ڪِيلَ = ڪِلُ لوهه جو وڏو ڪِلو. ٿلهي سِيخ.
ڪُل
ذ. ع. ڪُل = جُمله سڀ ، همه. تمام ، سارو ، سمورو ، مڙيئي. جملي ، جوڙ ، مڙيوئي ، سڀيئي ، هڙئي ، جملي. جيڪي به ، سڄو. اسم. سڄي ڪائنات ، ساري دنيا ، سارو عالم. واحد مطلق ، الله تعاليٰ.
ڪُلِ
ع. دنيا ۽ دنيوي شيون.
ڪُل جمع ڪُلَ
ذ. سن. ڪَلَ = خاندان. ڪڙم ، ڪُٽنب ، باهه جهلڻ واسطي مٽيءَ جي پاٽ ، چُلهه ، انگٺي ، منگالو ، منگل ، سِگِرِي لوهه جي ، آتشدان. پکي جي شڪل جهڙو ڪانن سان ٺهيل گهر ت.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
گرامر noun
- اسم
machine
ڪَلَ سان لاڳاپيل لفظ
.
ڪَلَ بابت وڌيڪ اصطلاح
مٺو چوڙ ڏيڻ
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal