بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Cairns Group CG
ڪيئرنز گروپ
آسٽريليا جي شهر ”ڪيئرنز“ ۾ زرعي جنسون ايڪسپورٽ ڪندڙ رياستن جي اتحاد سان 1986ع ۾ ”يُوراگوئي مذاڪرات“ جي ’زراعت ۽ واپار جي آزاد سرگرمين بابت سهڪار وارين ڳالهين‘ کان الڳ حيثيت ۾ قائم ٿيو. انهيءَ گروپ جا چئني کنڊن مان 18 ميمبر آهن جن ۾: ارجنٽائين، آسٽريليا، برازيل، ڪئنيڊا، چلي، ڪولمبيا، فجي، هنگري، انڊونيشيا، برازيل، ملائيشيا، نيوزي لئنڊ، فلپينس ، ٿائيلينڊ ۽ يوراگوئي ،ڪوسٽاريڪا ۽ گوئٽيمالا شامل آهن . هي گروپ زراعت جي حوالي سان بين الاقوامي زراعت جي اوسر بابت اپاءُ وٺي ٿو ۽ انهي ۾ سڌارا آڻي ٿو. ان سان گڏ بين الاقوامي سطح تي زرعي پاليسيون جوڙڻ جي عمل ۾ هڪ موقف اختيار ڪندي ۽ گڏيل تجويزون ڏيندي پنهنجن اُپايل وکرن جي مُلهه ۽ کليل منڊيءَ ۾ فراهميءَ جي شرطن کي قبوليت ڏيارڻ لاءِ جاکوڙي ٿو
مستي خان
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal