SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڪارو ڪاري


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڪارو ڪاري

(Honour Killing)

ڪارو ڪاري يا غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جو جاهلانه دستور قديم آهي. ڪارو ڪاريءَ جو نالو بدڪاري يا زناڪاريءَ جي الزام هيٺ آيل مرد ۽ عورت تي رکيو ويندو آهي. ’ڪارو ڪاري‘ اصطلاح مختلف علائقن ۽ خطن ۾ مختلف ڪم ايندو آهي. ٻولين مطابق رکيو ويو آهي. مثلاً بلوچستان ۾ انهيءَ کي ”سياه ڪاري“ چيو ويندو آهي. سنڌ ۾ ”ڪارو ڪاري“، پنجاب ۾ ”ڪالا ڪالي“ ۽ خيبرپختونخواه ۾ ”طور طوره“ مشهور آهي. سنڌي ادب جي سماجي حقيقت نگاريءَ واري لاڙي تحت شاعرن ۽ اديبن جو ڪارو ڪاري خاص موضوع رهيو آهي، جنهن کي جديد اديبن ننديو آهي ۽ هن لاڙي کي سنڌ کان ٻاهر جي رسم سڏيو آهي.


Remember Me Also:

ٻه لتون

ڪنايةَ معنيٰ ٻه واقعا ١. دولت حاصل ٿيڻ جي لت يعني دولت جمع ٿيڻ سان ماڻهو هوش حواس وڃائي ٿو ٢. دولت ختم ٿيڻ جي لت يعني دولت ختم ٿيڻ سان ماڻهو تباهه ۽ برباد ٿئي ٿو.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal