بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Catholic Emancipation
ڪئٿولڪ ايمينسيپيشن
برطانيا ۾ ڪئٿولڪ فرقي جي آئرش ماڻهن کي پروٽيسٽينٽ فرقي جي برطانيائي اڪثريت سان برابري ڏيارڻ جي سلسلي ۾ ارڙهين صديءَ جي آخر ۽ اڻويهين صديءَ جي منڍ ۾ زبردست تحريڪ هلي. ان تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪئٿولڪ فرقي کي برابري جي هيءَ سهولت برطانيا جي ڊيوڪ آف ويلنگٽن 1829ع ۾ ڏني. جنهن ۾ آئرش ڪئٿولڪ اڳواڻ ڊئنيئل اوڪونيل جي اڳواڻيءَ ۾ هلايل تحريڪ جا ڪجهه مطالبا مڃيا ويا. آئرلئنڊ ۾ رهندڙ ڪئٿولڪ عيسائين جي انهيءَ مذهبي تحريڪ جي جدوجهد ڪئٿولڪ فرقي جي ماڻهن کي پارليامينٽ جي ميمبر ٿيڻ سميت، آئرلئنڊ ۾ هر قسم جي آفيسن ۾ ڪم جي اجازت ڏيڻ ۽ کين برطانيا جي ٻين شهرين وانگر سڀ شهري ۽ قانوني سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هُئي.
ريزالو
ذ. صفت. ف. ع. رَذِيلُ = ڪميڻو. ڪمينو ، نيچُ ، گهَٽُ طبيعت وارو ، ريزالُ ، رَذِيلُ ، بي حيا ، نرلَڄو ، بي شَرمُ.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal