بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Camp David Accord
ڪئمپ ڊيوڊ اڪارڊ
اسرائيل ۽ مصر جي وچ ۾ هيءُ تاريخي معاهدو 1978ع ۾ آمريڪي رياست ميري لئنڊ جي شهر ڪئمپ ڊيوڊ ۾ طئي ٿيو. اِن معاهدي ۾ فيصلا ڪيا ويا ته: (1) فلسطين کي داخلي يا اندروني خودمختياري ڏني ويندي، (2) اسرائيل 1967ع جي جنگ دوران قبضي ڪيل عرب علائقا خالي ڪندو، (3) سينائي جو صحرائي علائقو واپس مصر جي حوالي ڪيو ويندو ان جي جواب ۾ مصر اسرائيل کي هڪ آزاد يهودي رياست طور تسليم ڪندو. هن ٺاهه ۾ آمريڪي صدر جمي ڪارٽر ٽياڪڙي ڪئي ۽ تڏهوڪي مصري صدر انور السادات ۽ اسرائيل جي وزيراعظم مينهم بيگن پڻ سرگرمي ڏيکاري. انهيءَ ٺاهه جي نتيجي ۾ عرب دنيا ۾ مصر خلاف شديد ردعمل ٿيو ۽ عرب ليگ طرفان مصر جي ميمبرشپ معطل ڪئي ويئي. بعد ۾ مصري انتهاپسندن طرفان انهيءَ معاملي تان مصري صدر انور السادات کي هڪ فوجي پريڊ دوران قتل ڪيو ويو
تنقيص
ث. [ع. نَقَصَ = گهٽ ڪرڻ] گهٽتائي ، ڪوتاهي. زيان ، نقصان. بي توجهي. اڻ وڻت يا اڻبڻت وارو رخ ، اعتراض.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal