SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


کٽڻ


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


کٽڻ

खटणु v. a.

imper. खटु کٽُ To gain, acquire, profit, win, conquer.


खुटणु v. n.

To be deficient, fall short, fail.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

کٽڻ

کَٽَڻُ جمع کَٽَڻَ (ڪ)

ذ . ڀرت جو هڪ قسم ، ٽِڪن وارو ڀرت.

کَٽَڻُ

مصدر . ٻئي کان مقابلي ۾ سَرسي ڪرڻ ، جيتڻ ، فتح پائڻ ، فتح ڪرڻ ، سوڀ ڪرڻ ، جيتڻ ، جنگ کٽڻ ، حاصل ڪرڻ لاڀ ، فائدو ، نفعو ، اُپراسو ، سوڀ. وٺڻ ، پرائڻ ، ڪمائڻ ، هٿ ڪرڻ ، کَٽيو ، کَٽندو ، کَٽِيَلُ. اسم خاص. تعلقي ٺل ۾ هڪ ديهه جو نالو.

کَٽِڻِ جمع کَٽِڻيُو ن

ث . کٽياڻي ، ڌوٻياڻي ، ڌوٻڻ .

کُٽڻُ

مصدر. [سن . ڪشَت = ڪمي ، نقصان < ڪشِي = گهٽجڻ. سن . ڪَاتڪَه = قرضدار < کَن = کوٽڻ] ڪسو ٿيڻ ، اوڻو ٿيڻ ، گهٽجڻ ، گهٽ ٿيڻ ، اڻپورو ٿيڻ ، زائل ٿيڻ ، پورو نه پوڻ ، ڪمي رهجي وڃڻ ، پئسي مال ملڪيت ۾ گهاٽي اچڻ، ڏيوالو ڪڍڻ ، ختم ٿيڻ ، خلاص ٿيڻ کُٽو کُٽَندو ، کُٽَ

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


سرائڪي سنڌي لغت مان:

کٽڻ

سرائڪي : کھٹڻ

سرائڪي ۽ سنڌي: کھٹڻ/کٽڻ

[فعل متعدي] کوٽڻ
* ڪمائڻ، حاصل ڪرڻ


کٽڻ سان لاڳاپيل لفظ


.


کٽڻ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آب داڻو کٽڻ
  • آسيس کٽڻ
  • اٽو کٽڻ
  • تـوڻ کٽڻ
  • توڻ کٽڻ
  • ثواب کٽڻ
  • ثَواب کٽڻ
  • جس کٽڻ
  • جنت کٽڻ
  • حاصل ڪرڻ- کٽڻ
  • حج کٽڻ
  • حجّ کٽڻ
  • داڻو پاڻي کٽڻ
  • راند کٽڻ
  • سوڀ کٽڻ
  • فتح حاصل ڪرڻ، بازي کٽڻ
  • مت کٽڻ
  • ناميارو ڪم ڪرڻ، سوڀ کٽڻ
  • واري کٽڻ
  • وچ کٽڻ
  • ٻل کٽڻ
  • پڙ کٽڻ
  • وڌيڪ نتيجا ڏسو....


    .


    کٽڻ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ڍائي

    ث. ڊائِي ، انجام ، وعدو ، ٻولُ ، اِقرارُ. سَڏُ ، سَمَنُ. جيئن ”ڍائِي ڍَٽَ ڌاري، آهم اُٺي مِيهري“ شاهه.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

    جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal