
ڦلواڙي (سنڌي پهاڪا ۽ چوڻيون) ۾:
هيءُ تاريخي پهاڪو آهي روايتن موجب علاؤالدين جي سنڌ تي هَلان وقت اَبڙي سمي سومرن حڪمرانن جون سامون جهليون هيون. تن ڏهاڙن ۾ ابڙي سمي جا جاڙيجن سان تِر سنوان نه هئا پر جنگ هئي، جاڙيجاڻي سردار جکري جڏهن ابڙي سمي تي چڙهائي ڪئي ته علاؤالدين جي لشڪر کي ڏٺائين، جيڪو ابڙي سمي کان سومرن جون سامون وٺڻ لاءِ مٿس حملي لاءِ تيار هو، ابڙي سمي پاڻ کي ٻن دشمنن جي وچ ۾ گهيريل ڏٺو. تڏهن جکري سردار کيس چوائي موڪليو ته ”ابڙا، ماندو نه ٿجانءِ، اجهو آياسين جڳ ۾ گهڻا جاڙيجا آهن.“ علاؤالدين کي مري سومرن جون سامون ڏينداسين. ان نياپي جي موٽ ۾ ابڙي سمي جي واتان بي اختيار ائين نڪتو.
ڌونپڪارڻ
مصدر. پُسي يا ڏونرا رڌڻ ، داغ ڏيڻ ، ڀُڃڻ طعام وغيره.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal