SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڏٺ


ميڊيڪل (طب) جي ڊڪشنريءَ مان :


ڏٺ

ڏَٺُ (گاٺ)

hard swelling of an abcess, nodule


:جامع سنڌي لغات ۾

ڏٺ

ڏِٺَ جمع ڏِٺُون

ث. [سن. دَرش = ڏسڻ]. نظر ، ڏيکاءُ ، جهلڪو ، نظارو ، چمڪو ، نگاهه ، جاچ ، غور ، لقاءُ ، مَنظَرُ ، ڏيکُ. راءِ ، سمجهه ، مَتِ ، ويچار ، مُلاحِظو ، خيال. مطلب ، مُراد ، مَنشا. ڳجهارت جو هڪ قسم جا، سگهڙ ڪا شئي ڏسي ٺاهيندو آهي؛ مثلا لوهه ، گهنڊي، عضوو ، کُڙِي“

ڏُٺُ جمع ڏُٺَ (ڪ)

ذ. ڦُرِڙيءَ جو سخت ڳوڙهو يا ڳَنڍو ، ڊَٻَڙُ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڏٺ

(Dith’a)

ڏَٺ لفظ جي معنيٰ اھي ’ڏٺل شيءِ‘. ڏَٺ لوڪ ادب جي مکيه ۽ تمام ڏکي صنف آھي. ھن ۾ ڪو شاعر يا سگهڙ ڪنھن شيءِ/واردات کي ڏسي. ان کي بيت يا فقري ۾ لڪائي پيش ڪندو آهي. ھن صنف کي عام طرح ”بيت“ ۾ يا نثري انداز ۾ ڀڃبو آھي. ”ڏٺ“ کي ڪي وري پرولي بھ چون، ليڪن جوڙجڪ ۽ مضمون جي لحاظ کان پرولي ۽ ڏٺ ٻنھي ۾ گھڻو فرق اھي. ڇاڪاڻ تھ ڏٺ“ ۾ ڪنھن ڏٺل شيءِ يا ٻڌل شيءِ کي لڪ ۾ پيش ڪبو اھي. مثال طور: هڪ ماڻهوءَ ڏٺو ته مال جي ڀاڻ ۾ کُتل منيءَ تي نانگ ڇپ هنيو ويٺو آهي، هن ڏٺ جوڙي ورتي:


ڏٺ سان لاڳاپيل لفظ


.


ڏٺ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • ڏٺ ج ڏٺ

  • .


    ڏٺ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    سويل

    ث. [سن. سَويلا < سَ = سا + ويلاَ = وقت] سوير.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

    ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal