
ڏورَ جمع ڏورُون
ڏورِيُون ث. [پرا. دورَ. سن دور ڊور = ڏور] ڌاڳي جو هڪ قسم ، وٽيل ڌاڳو ، ٿلهو ڌاڳو ، سُٽَ جي سنهڙي رَسي ، ڏور ، ڏوري ، سوتلي جا، ائٽ هلائڻ، لغڙ اُڏائڻ، لاٽون ڦيرائڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪم اچي. اڳٺ ، پٽهڙ ل. ٿ.
ڏورُ جمع ڏورَ
ذ. معمي يا ڳجهارت جو هڪ قسم جو ڏوهيڙن ۾ ٿيندو آهي.
ڏُورُ
ظرف. [سن. دُور = پَري] پَري ، دُورُ ، ڏورانهِن ، ڇِٽو ، ڇيٽو ، پَرانهِن ، وٿيرڪو ، پنڌ تي ، جُدا ، پَرتي ، گهڻو پري ، آڳاهون ، گهڻو مفاصلو ، پَرَڀَرو ، جو ويجهو نه هجي.
ڏورِ جمع ڏورُون
ث. ڳولا ، ڦولها ، کوجنا ، تلاش ، اَهوڙَ ، جاچَ ، ڊوڙَ ، رولڙو.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
گرامر
- ظرف
far; a long way; at a great distance
ڏُورِ
ڪشالا ڪَر، پنڌَ ڪَر، تڪليفون ڪَر.
سامِي ٿِئين تان سُڌناٿُ ٿي، نا ته ڏورِ مَ هُنھئي ڏيھه.(س: پورب،ف: 1،ص204)
ڏُورِ سان لاڳاپيل لفظ
.
ڏُورِ بابت وڌيڪ اصطلاح
.
ڏُورِ لفظ جو عام استعمال
اخنوخ
اسم خاص. [ع] حضرت ادريس جو نالو بائيبل ۾ ”اِيناڪُ“ لکيل آهي.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal