
ڏهُن
ظرف. ڏانهن ، طرف ڏي.
ڏهَنُ
مصدر. [سن. دَههَ = ساڙَنُ] ساڙي ۾ سڙڻ ، سڙڻ ، جلڻ ، پچڻ ، پڄرڻ ، ڏجهڻ. جيئن ته ”ڏاڍي ذات جتن جي، ويئي ڏِيلُ ڏَهي“ شاهه. ”اوڀاري عميق جو ڏکيءَ ڏيلُ ڏَهِي“ خان زئي. ڏکوئڻ ، رنجائڻ ، پيڙڻ ، آزارڻ ، ايذاءُ رسائڻ ، ويڌن ڪرڻ ، ستائڻ ، چيچلائڻ ، عذاب رسائڻ.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
ڏُهَنِ
کير ڏيندڙ جانور مان کير ڪڍڻ، ڏوڀ ڪرڻ، چوپائي مال جي ٿَڻن مان گوها ڪڍن.
پِئا ڏُهن ڏُهائن ۾، وَڇ وجهئو واڙي.(س: سارنگ،ف :2،ص283)
2. اُنِ جون پَھون پُوڄَ وِيائيون، ڏُهڻي ڏڏ ڏُهَنِ.(س: مارئي،ف: 2،ص145)
ڦيلاء
ذ. صفت. ڦهلاء ، پکيڙ ، اشاعت ، پرچار ، پڌرائي.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal