بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Displaced Person
ڊِس پلئسڊپرسن
ڪو به اهڙو شخص، جيڪو سندس زندگيءَ کي پيش خطري سبب، پنهنجا اباڻا پَڊ، علائقو، صوبو، يا مُلڪ ڇڏي ٻئي مُلڪ ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿئي ته ان کي ”ڏتڙيل“ شخص چيو ويندو آهي. هيءَ صورتحال عام طور پرڏيهي فوجي مُداخلتن، آمريتي حُڪومتن جي غير قانوني قدمن، ذهني/ نظرياتي فرقن ۽ غير قانوني تقاضائن سبب پيدا ٿيندي آهي، جنهن ڪري ڪنهن به آباديءَ جو وڏو انگ هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ڏانهن جبري طور لڏو کڻڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي. هيءَ صورتحال جڏهن سنگين سطح تي پهچندي آهي ته اُن سان علاقائي ۽ بين الاقوامي سطح تي وڏا بُحران پيدا ٿي ويندا آهن. 1979ع ۾ سوويت يونين جي فوجي مُداخلت کان پوءِ افغانستان مان ٿيل لڏپلاڻ يا آفريقي مُلڪن ۾ مسلسل بُحرانن جي نتيجي ۾ انساني آباديءَ جو وڏو انگ دربدر ٿيندو رهيو آهي ، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ”انساني المين“ جنم ورتو آهي
نيل
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal