بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Protectionism
پروٽيڪشنزم
ڪنهن به مُلڪ طرفان اختيار ڪيل معاشي پاليسي ، جنهن ذريعي برآمدات تي محصول جا ڳرا شرط مڙهڻ ۽ ٻين مُلڪن جي مصنوعات جي آمد تي حدبنديون مقرر ڪرڻ سميت اُهي سڀ اُپاءَ ورتا ويندا آهن ، جنهن سان ملڪ کان ٻاهر ٺهيل شين جي رسد ۽ واهپي تي ضابطو رکي سگهجي . ان قدم سان ملڪ جي مقامي پيداواري عمل کي هٿي ملڻ سان گڏ ، ملڪي معيشيت کي به ٽيڪو ملي ٿو ۽ حڪومت کي بيروزگاري گهٽائڻ ، ٽيڪسن ۽ محصولن جي آمدنيءَ جي حوالي سان سهائتا مهيا ٿئي ٿي . ان پاليسيءَ سبب ’آزاد واپار‘ واري تصور کي ڌڪ لڳي ٿو ۽ مُوڙيءَ جي چرپر ۾ گهٽتائي اچڻ ۽ معاشي معاملن ۾ مقامي حڪومتي مداخلت سبب بين الاقوامي واپار ۾ معياري مقابلي واري لاڙي کي ڇيهو رسي ٿو. ان ڪري هن نظريي کي ’ڀونءِ- واد‘ جي بالڪل اُبتڙ سمجهيو ويندو آهي
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal