SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڏور


:جامع سنڌي لغات ۾

ڏور

ڏورَ جمع ڏورُون

ڏورِيُون ث. [پرا. دورَ. سن دور ڊور = ڏور] ڌاڳي جو هڪ قسم ، وٽيل ڌاڳو ، ٿلهو ڌاڳو ، سُٽَ جي سنهڙي رَسي ، ڏور ، ڏوري ، سوتلي جا، ائٽ هلائڻ، لغڙ اُڏائڻ، لاٽون ڦيرائڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪم اچي. اڳٺ ، پٽهڙ ل. ٿ.

ڏورُ جمع ڏورَ

ذ. معمي يا ڳجهارت جو هڪ قسم جو ڏوهيڙن ۾ ٿيندو آهي.

ڏُورُ

ظرف. [سن. دُور = پَري] پَري ، دُورُ ، ڏورانهِن ، ڇِٽو ، ڇيٽو ، پَرانهِن ، وٿيرڪو ، پنڌ تي ، جُدا ، پَرتي ، گهڻو پري ، آڳاهون ، گهڻو مفاصلو ، پَرَڀَرو ، جو ويجهو نه هجي.

ڏورِ جمع ڏورُون

ث. ڳولا ، ڦولها ، کوجنا ، تلاش ، اَهوڙَ ، جاچَ ، ڊوڙَ ، رولڙو.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


مفصل سنڌي لغت مان؛

ڏور

اعرابن سان:ڏُورُ

ڏُورُ: [ظرف/صفت] پَري، دورُ، ڏورانهِن، ڇِٽو، ڇيٽو، پَرانهِن، وِٿِيرڪو، پَنڌَ تي، جـُدا، پَرتي، گَهڻو پَري، آڳاهون، گَهڻو مـُفاصِلو، پَرڀَرو، جو ويجهو نه هـُجي
* ]سن: دور = پري[
’ڏُورِ ٿيا ڏيهِي، پرين پائـُـرَ وَٽِ ۾‘ (شاهه/ مارئي)

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڏور

ڏور، لوڪ ادب جي ھڪ اھڙي صنف اھي جا سگھڙن جي ڪچھرين ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي اھي. ڏور جي معنيٰ اھي ڪنھن شيءِ کي ڏوري يا کولي ڪڍڻ. جھڙي نموني ڳجھارت ۾ ڪو ڳجھه ھوندو اھي اھڙي نموني ڏور جي بيت جي صورت ۾ ڪا ڏاھپ رکي ويندي اھي. ڪلھوڙن جي دؤر ۾ جلال کٽي ڏور جو وڏو شاعر ھو. ڪن سگهڙن ڀٽائيءَ جي بيتن مان به ڏور ٺاهيا يا ڳوليا آهن. ’ڏور شهزور‘ چيو ويندو آهي. ڏورن جون روايتون اڪثر ڪمزور هونديون آهن. بهرحال هي هڪ ڏکيو فن آهي.


سرائڪي سنڌي لغت مان:

ڏور

سرائڪي : ݙور

سرائڪي ۽ سنڌي: ݙور/ڏور

]مث[ رَسي، ڌاڳو، ڏوري
* مڇي ڦاسائڻ واري ڏوري
* ٻوڙائپَ، ٻڌڻ واريءَ سگھه کان محرومي


ڏور سان لاڳاپيل لفظ


.


ڏور بابت وڌيڪ اصطلاح

  • تمام پري، ڏور
  • رسو- ڏور
  • سيخ ۽ ڏور
  • شاهل جي ڏور
  • شيخ، ڏور
  • ضمير اشارو ڏور
  • مغزي ڏوري، تنتي ڏور
  • ننڍي رسي يا ڏور
  • ويڙهڻ، ور ڏيڻ، سوتلي، وٽيل ڏور
  • ڌاڳو- نوڙي- ڏور
  • ڏور ج ڏور
  • ڏوريون ڏور
  • ڏيھان ڏور

  • .


    ڏور لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    بدسگالي

    ث. مَٺ گهُرائي ، بدخواهي.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

    ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal