ميڊيڪل (طب) جي ڊڪشنريءَ مان :
ڏاگههُ (سڙڻ جو نشان)
burn mark or scar, brand
ڏاگههَ جمع ڏاگهُون
ث. [سن. دَاه، دَه = ساڙڻ ، پرا. داگهه. ف. داغ] باهه جو وڏو مَچُ ، چکيا. هندن ۾ مُردي کي ساڙڻ جي باهه. مَچُ ، داهه ، باهه ، آگَ. سوزُ ، ساڙو ، پَچُ ، جَلُ ، کامُ ، داغ ، ڏنڀُ. ڪِلنڪ ، ڪارَنهِن ، ٽِڪو. جيئن ”آءُ اوراهُون، سُپِرِين! ڏکيءَ ڏيج مَ ڏاگُهه“ ش
ڏاگههُ جمع ڏاگههَ
ذ. صفت. وِکَ ، وِرانگهه ، ٻِرانگهه ، ٻيلانگهه ، قدم. ڊگهن ڄنگهن وارو جانور يا انسان. ڪُونجَ پکي. بندرگاهه تي جهازن ۾ مال لاهڻ يا چاڙهڻ جي مشين يا ڪَلَ. [هه. ڍِينڪا، ڍِينڪَ < ڍِيگ < ڊِگ < ڊاگ < ڏاگهه = ڊگهو].
ڏاگههَ جمع ڏاگهُون
ث. اُڃَ ، پياس ، ڏوگهو.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
ڏاگهه سان لاڳاپيل لفظ
.
ڏاگهه بابت وڌيڪ اصطلاح
.
ڏاگهه لفظ جو عام استعمال
اولاڻڻ، اولائڻ
مصدر. [سن. اُد + لاڊَن] اُکيلڻ ، اُکوڙڻ چرخو ”سڄڻ ڏٺو جن، تن اَرٽ اولاڻي ڇڏيا“ شاهه. سنج وغيره لاهڻ. ”پلاڻڻ” جو ضد. پاکڙو لاهڻ ”پلاڻيان پيو، اولاڻيو نه اُٿيي“ شاهه. بند ڪرڻ ڪم. ڪم وسارڻ. اولاڻيو ، اولاڻيندو ، اولاڻيل.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal