
بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
East Asian Crisis
ايسٽ ايشين ڪرائسز
ڏاکڻي- اوڀر ايشيا جي مُلڪن ۾ جولاءِ 1997ع کان شروع ٿيل مالي گهوٽالو ، جنهن سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو . ان جي شروعات ٿائيلئنڊ کان ٿي، جڏهن اُتان جي حڪومت پنهنجي سڪي ’ڀات‘ جو مُلهه آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ گهٽائي ، پراپرٽيءَ جي ڪاروبار ۾ آيل بُحران تي بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي . ڏسندي ئي ڏسندي ان قدم جا اثر ڏاکڻي- اوڀر ايشيائي ملڪن ۽ جاپان تي پوڻ لڳا ۽ سندن ملڪي سڪي جو ملهه ڪرڻ سميت ملڪي قرض ۾ واڌارو ۽ اثاثن جي ملهه ۾ لاٿ اچي وئي .ٿائيلنڊ ، ڏکڻ ڪوريا ۽ انڊونيشيا هن گهوٽالي جي سخت وڪڙ ۾ آيا ، جڏهن ته هانگ ڪانگ ، ملائيشيا ، فلپينس ۽ لائوس کي به مالي جهٽڪا مليا . ساڳئي گهوٽالي جا اثر چين ، ڀارت ، تائيوان ، سنگاپور ، برونائي ۽ ويٽنام ۾ به ڏٺا ويا . ان صورتحال کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ ’آئي ايم ايف‘ 40 بلين ڊالر سيڙائي لاڳاپيل ملڪن کي گهوٽالي مان ٻاهر ڪڍڻ جي رٿا جوڙي . ان جي نتيجي ۾ 1998ع کان متاثر ملڪن ۾ بهتريءَ جي صورتحال پيدا ٿي .
تر، تر
ث. اُهو مضبوط سڳو يا ڏاس جي وٽيل سنهي نوڙي جا اُٺ جي نڪ جي ڇونٽيءَ ۾ ٽُنگ ڪري ٻڌندا آهن جيئن اُٺ مَستِي نه ڪري ۽ سوار جي قبضي ۾ رهي؛ تَر خاص ڪري ڏنگي اُٺ کي هڻندا آهن. تُرهو ڪکن جو ”لام لهريون لس اڳيئون، تو ري نه ڪو تُرهو نه تر“ صاحبڏنو. پنج ست خالي
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal