SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڏاڍائيءَ ڀريل اُپاءَ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ڏاڍائيءَ ڀريل اُپاءَ

Coercive Measures

ڪوئرسوِ ميئرس

دٻاءُ وجهندڙ اهڙا اُپاءَ، جيڪي ڪو به ملڪ ٻئي ملڪ کان پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي، انهن اپائن ۾ اقتصادي پابنديون مڙهڻ، سفارتي ناتا ختم ڪرڻ، وڻجارڪي وکر جو بائيڪاٽ ڪرڻ وغيره شامل آهن. بين الاقوامي تعلقات ۾ مخالف ڌُر جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪري کيس مجبور ڪرڻ جي حڪمت عمليءَ کي اڳرائيءَ ڀريل قدم يا ڏاڍائيءَ تي ٻڌل اُپاءَ چئي سگهجي ٿو. انهن اُپائن جو مثال 1970ع جي ڏهاڪي جي پڇاڙيءَ ۾ هندوستان خلاف جنگ ۾ پاڪستان مٿان آمريڪا طرفان هٿيارن جي سلسلي ۾ ڪُجهه پابندين جو مڙهجڻ آهي. هاڪاري حوالي سان اِهي اُپاءَ ڏيهان ڏيهي ماحول ۾ تڪرارن کي گهٽائڻ ۽ مُنجهيل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مُناسب دٻاءُ پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿا . اِهي اپاءَ رياست اندر توڙي ٻاهر وٺي سگهبا آهن


Remember Me Also:

ڀچڪ رهڻ

حيرت ۾ پوڻ.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal