
ڌمَڻِ جمع ڌمَڻِيُون
ث. [سن. ڌمن] لوهارن جي هڪ اوزار جو نالو ، باهه کي هوا ڦوڪڻ جو اوزار ، ڌَنوَڻِ ، ڌَنوِڻِي ، ڦوڪڻي. گهوڙي گاڏيءَ جو ڍَڪُ ، ڇَٽي.
ڌمَڻُ
مصدر. [سن. ڌَمن] واءُ ڀرڻ ، هوا ڏيڻ ، هوا ڦوڪڻ ، ڌنوڻُ ، ڌئوڻ ، زور سان دٻڻ ، ڦُسڻ ، وجهڻ ، دٻائڻ. زور ڏيڻ ، زور لائڻ ، ڇِڪڻ. هلائڻ ، چورڻ. وڄائڻ ، وڄڻ. ڪوڙ ڪرڻ.
ڌِمَڻُ
مصدر. سوڙهو ڪرڻ ، تنگ ڪرڻ ، ڪَشڻُ ، ڇِڪڻ ، ساهِڻ ، قابو ڪرڻ ، پُختو ڪرڻ ، ڏاڍو ڪرڻ ، پَڪو ڪرڻ.
ڌِمَڻَ (ت)
ث. درياء جي مڇيءَ جو هڪ قسم.
ڌُمَڻِ (ت)
ث. جُوئر جو هڪ قسم.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
اعرابن سان:ڌَمَڻُ
ڌَمَڻُ: [مص - فعل متعدي] واءُ ڀَرڻ، هَوا ڏِيَڻ، هَوا ڦوڪِڻ، ڌَنوڻ ُ، ڌَئوڻ
* زورَ سان دَٻِڻ، ڦـُسِڻ، وِجَهڻ، دَٻائِڻ، زور ڏيڻ، زور لائڻ
* ڇِڪڻ
* هَلائِڻ، چورڻ
* وِڄائِڻ، وَڄَڻ
* ڪوڙ ڪرڻ
* ]سن: ڌمن[
* ]مص[ ڌَمَڻ
* ]امر[ ڌَم
اعرابن سان:ڌُمَڻِ
ڌُمَڻِ: [ا - مث] جوئَر جو هڪ قسم
* [س/ات]
اعرابن سان:ڌِمَڻَ
ڌِمَڻَ: [ا - مث] دَرياءَ جِي مَڇِيءَ جو هڪ قسم
* [س/ات]
اعرابن سان:ڌِمَڻُ
ڌِمَڻُ: [مص - فعل متعدي] سوڙهو ڪَرڻ، تَنگ ڪَرڻ، ڪَشَڻُ، ڇِڪَڻ، ساهِڻ، قابو ڪرڻ، پـُختو ڪرڻ، ڏاڍو ڪرڻ، پَڪو ڪرڻ
* ]مص[ ڌِمَڻ
* ]امر[ ڌِمِ
* [ڌِميو، ڌِمَندو، ڌِمِيَل]
اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)
سرائڪي : دھمڻ
سرائڪي ۽ سنڌي: دَھمڻ/ڌَمڻ
]فعل متعدي[ گذرڻ، اڳتي وڌڻ (صرف رات جي باري ۾ اِهو استعمال ٿيندو آهي)
ڌمڻ سان لاڳاپيل لفظ
.
ڌمڻ بابت وڌيڪ اصطلاح
.
ڌمڻ لفظ جو عام استعمال
اٽڪائڻ
مصدر. [سن. اَرگَڊَ] اَٽڪ وجهڻ. بند ڪرڻ. ڦاسائڻ. ڳنڍڻ. ترسائڻ. لڳائڻ ڪم ۾. اٽڪائڻ“. اٽڪايو ، اٽڪائيندو ، اٽڪايل.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal