SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڌمال


سنڌي (ديوناگري) کان انگريزي ڊڪشنريءَ مان:


ڌمال

S धमाल s. f.

Name of a tune played and sung during the Holi. A round or peal beat on a drum.


Abbreviations

Abbreviations con = Conjunction, int = Intrjection, plu = Plural, pre = Preposition, adj = Adjective, s = Singular, m = Masculine, f = feminine, v = verb, adv = adverb, imp = imperative, v.a = verb active, v.n = verb neuter.


:جامع سنڌي لغات ۾

ڌمال

ڌمالَ جمع ڌمالُون

ث. [ع. دمار] ٽَپَ ، ڪُڏ ، نچڪو. قلندري فقيرن جو ٽپڻ ، نچڻ جو هڪ تار. شور گوڙ ، هُل هنگامو. دهل جي وڄت جو هڪ تار. پيرن فقيرن جي درگاهن تي هڪ خاص واڄو.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڌمال

(Qalandri Dance)

”ڌمال“ جي لغوي معنيٰ آهي؛ ٽپ (ڪڏ) ڌم چوڪڙي ، هل (هنگامو) يا شور (غلغلو) .اصطلاحي محاوري ۾ دهل (نغاري) جي ڌن تي هڪ قسم جو راڳ آهي، جيڪو فقير باهه جي مچ آڏو بيهي ، پاڻ کي بيخوديءَ ۾ آڻي، مٿس نچندا ڪڏندا آهن. صوفين وٽ ڌمال جو رواج صدين کان هلندو پيو اچي. هو انهيءَ ناچ کي ذڪر جو طريقو ۽ عقيدت جو اظهار سمجهن ٿا. گهڻو ڪري الله لوڪ درويشن، بزرگن ۽ صوفي فقيرن جي درگاهن تي ڌمال لڳندي آهي. لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي پڻ ڌمال جو شغل صبح ۽ شام ٿيندو اچي ٿو.


ڌمال سان لاڳاپيل لفظ


.


ڌمال لفظ جو عام استعمال


Remember Me Also:

آثار

ذ. [ع. آثر جمع آثار. سنڌيءَ ۾ آثارُ واحد طور ڪم ايندڙ] اَثَرُ. اهڃاڻ ، علامت ، نشاني ”اي عاشق جو آثارُ، اِي تان آههَ عشق جي“ شاهه ”ابر منجهه آثار، اڄ پسجي مِينهن جو“ خليفو نبي بخش. جمع نشانيون ، اهڃاڻ. ويرانيءَ جا نشان. پيرن جا نشان. افعال ، لڇڻ. رس

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal