بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Earth Summit
ارٿ سمٽ
دنيا جي گولي کي ماحولياتي گدلاڻ کان بچائڻ لاءِ گڏيل قومن جي سهڪار سان ڏکڻ آمريڪا جي ملڪ برازيل جي گاديءَ واري شهر’ ريو ڊي جينيرو‘ ۾ 3 جون کان 14 جون 1992ع تائين هڪ عالمي سرواڻ ڪانفرنس ٿي. ان ڪانفرنس ۾ 172 ملڪن جي حڪومتن شرڪت ڪئي، جن مان 108 ملڪن جا حڪومتي سرواڻ به شامل هُئا. ان کان سواءِ ڪانفرنس ۾ 2400 غير سرڪاري تنظيمن ۽ مُختلف قسمن جي ڪُل 17 هزار نمائندن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي زمين کي تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ مختلف اپائن جا اعلان ۽ فيصلا ڪيا ويا. ڌرتيءَ تي ڪيميائي زهرن جي اثر کان بچڻ ، فالتو ۽ گندي مواد جو نيڪال ڪرڻ، توانائيءَ جا نوان ذريعا ڳولڻ ، عوامي ٽرانسپورٽ سرشتي کي بهتر بنائڻ، پاڻيءَ جي اڻاٺ کي مُنهن ڏيڻ ، تبديل ٿيندڙ ماحول جو حل ڳولڻ ۽ ٻيلا بچائڻ سميت مختلف معاملا بحث هيٺ آيا. ان سلسلي ۾ ماحوليات، حياتيات، جنگلات ۽ موسمي تبديلين تي عمل بابت سخت ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.
نحيف
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal