بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Diego Garcia
ڊيگو گارشيا
هندي مهاساگر جي وچ تي، ڀارتي ساحل کان 2 هزار ڪلوميٽر پري، ماريشس ۽ ڀارت جي علائقن درميان موجود هي ٻيٽ فوجي ۽ جنگي حڪمت عمليءَ جي لحاظ کان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. 25 ڪلوميٽر ڊيگهه، 14 ڪلوميٽر ويڪر ۽ تقريبن 29 چورس ڪلوميٽرن تي ٻڌل هيءُ جزيرو گهري پاڻيءَ جي وچ تي هُئڻ ڪري، سامونڊي اڏ جي لحاظ کان انتهائي ڪارائتو آهي. 1532ع ۾ پهريون ڀيرو پُرتگالي جهازن هن ٻيٽ کي ڳولي لڌو، جيڪو بعد ۾ سترهين صديءَ ۾ ولنديزي، ۽ ارڙهين صديءَ ۾ فرانسيسي قبضي ۾ رهڻ کان پوءِ، آخرڪار برطانيائي اثر هيٺ آيو. ان هوندي به ٻي عالمي جنگ کان اڳ هن ٻيٽ جي ڪا وڏي اهميت ڏسڻ ۾ نه آئي. 1940ع جي ڏهاڪي ۾ جنگ دوران برطانيا هن ٻيٽ کي هوائي ۽ سامونڊي جهازن ۾ ٻيهر ٻارڻ ڀرڻ لاءِ هڪ انتهائي مُناسب مقام بڻجڻ کانپوءِ، خاص طور ”سرد جنگ“ دوران آمريڪا کي ”ڊيگوگارشيا“ جي اهميت سمجهه ۾ آئي ۽ اُن برطانيا کان ان ٻيٽ جي دفاعي استعمال بابت مذاڪرات شروع ڪيا. ان حوالي سان برطانيا ۽ آمريڪا وچ ۾ 30 ڊسمبر 1966ع تي هڪ معاهدو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا کي فوجي مقصدن جي لاءِ هيءُ ٻيٽ استعمال ڪرڻ جي اجازت ملي. ان کان پوءِ 1972ع ۾ آمريڪي صدر نڪسن اتي هڪ زبردست رابطائي مرڪز کوليو، جڏهن ته 1975ع ۾ آمريڪا جي ٻئي صدر جيرالڊ فورڊ ٻيٽ تي فوجي اڏو قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 1979ع ۾ ايران ۽ افغانستان وارن گهوٽالن سبب ”ڊيگوگارشيا“ جي اهميت وڌي وئي ۽ اهو ”تيزيءَ سان چُرپُر ڪندڙ آمريڪي فوج“ (RDF) جو اڏو ۽ ڪن اطلاعن موجب نيوڪليائي هٿيارن رکڻ لاءِ اهم مرڪز بڻجي ويو. 1976ع ۾ پنهنجي آزاديءَ کان پوءِ ماريشس طرفان ”ڊيگوگارشيا“ کي سندس حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جنهن جي جواب ۾ برطانيا کيس 1980ع ۾ آگاهه ڪيو، ته 90 سالن جي پٽي (Lease) جي مُدت پوري ٿيڻ کان پوءِ جيڪڏهن اهو علائقو آمريڪا ۽ برطانيا جي ڪتب نه آيو ته ماريشس کي واپس ڪيو ويندو. بهرحال عالمي سطح تي ”ڊيگوگارشيا“ مٿان ”آمريڪي قبضي“ کي عالمي امن لاءِ خطري طور سمجهندي دنيا جي اڪثر ملڪن ۽ خود ماريشس جي عوام طرفان ٻيٽ خالي ڪرڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن دٻاءُ وڌي رهيو آهي. اهو مطالبو ڪندڙن جو خيال آهي ته هن آمريڪي فوجي اڏي جي خاتمي سان هندي وڏي سمنڊ ۾ هٿيارن جي ڊوڙ سميت ڪيترا اُگرا معاملا پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندا
اپڪار، اپڪار
ث. ذ. [سن. اُپَ = ڏانهن، ويجهو، ساڻ + ڪر = ڪرڻ] مدد. فائدو. شيوا. مهرباني ، ڀلائي ”ست گُر جو اُپَڪارُ، ڪهڙو ڳڻيان مُک سان“ سامي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal