بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Dong Du Movement
ڊانگ ڊوو مومينٽ
هي نالو ويٽنامي قومي آزاديءَ جي ابتدائي تحريڪ کي مليل آهي. ويٽنامي عالمن طرفان اِها تحريڪ 20 صديءَ جي شروعات ۾ بيٺڪي سرشتي خلاف وجود ۾ آئي. خاص طرح ”جديد ويٽنام لاءِ ڀائيچاري واري تنظيم“ (Vietnam Modernization Association) اِن تحريڪ کي حقيقي بنياد فراهم ڪيو. هن تحريڪ جو بنيادي مقصد ويٽنامي نوجوان نسل کي تعليم يافته بنائي، کين ملڪ تي ٿيل فرانسيسي قبضي خلاف جدوجهد ۾ ڪتب آڻڻ هو. انهيءَ حڪمت عمليءَ تحت ويٽنام جا ڪيترائي نوجوان جاپان وغيره ڏانهن تعليم حاصل ڪرڻ ويا. اِن تحريڪ جي مُک اڳواڻن ۾ ’فان بوُئي چائو‘، ’فان چُو ترنهه‘ ۽ ’ڪوانگ ڊي‘ جهڙا ويٽنامي دانشور پڻ شامل هئا
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal