SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڇِڪي


:جامع سنڌي لغات ۾

ڇِڪي

ڇڪِي جمع ڇڪِيُون

ث. سن. شَشٺ = ڇهه تاس ۾ ڇَهن انگن وارو پتو. صفت. حيران ، پريشان. مستاني ، متوالي. ”ڇَڪِي ڇوليءَ ۾ گهڙي، جِتي جي وِڙاهُ“ شاهه. دريائي ٻيڙيءَ جي قلمِيءَ کي قابو ڪرڻ جور سو.

ڇِڪِي

ث. هڪ قسم جي بيماري ڪنهن ڳري بار کڻڻ يا ٽِپُ ڏيڻ وغيره سبب چيلهه ۾ سَٽ پوڻ جي بيماري ، ناف جي بيماري. چيلهه جو سُور. ڪچو ٻار ڪرڻ جي زناني بيماري ت. مَلَهه جو هڪ انگ جنهن ۾ هڪ مَلُهه ٻئي مَلَهه جي ٽَنگُن ۾ گوڏو ڏيئي، مُٺين جي زور تي مٿي اُڇلي.

ڇِڪِي جمع ڇِڪِيُون

ث. ڇِڪَ ، تاڻ. اوچتي ڇِڪَ ، ڇِٻي لغام وغيره کي. سَٽَ ”ڇِڪيءَ ڇِنائين، پَنڌُ مڙوئي پَٻَ جو“ شاهه. ڊوُههَ. نقصان. دريائي ٻيڙيءَ جي سِڙَههَ کي ڇڪي آڏَ سان ٻَڌڻ جي رسي. گهُرَ ، طلَبَ.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


هارپ جي لغت مان:

ڇِڪي

دُن جو رڙهي وڃڻ، دل کي نسٽ اچڻ


ھم معنى لفظن جي لغت

ڇِڪي

ڇِڪي

ساز، ٻيجل (چارڻ) جو سُرندو، ڪمان کي ڪشي، زور


شيخ اياز لغت

ڇِڪي

موھي، مرغوب ڪري، گهلي، ڪشش ڪري، متاثر ڪري.
ميھر! تنھنجو منڊُ، مون کي مون ڏي ٿو ڇِڪي.
(ڪَپر ٿو ڪن ڪري:124)


ڇِڪي سان لاڳاپيل لفظ


.


ڇِڪي لفظ جو عام استعمال


Remember Me Also:

دههدوري

ث. پري پنڌ ، پرانهين ڏورائِي.

Let's Learn Sindhi

اڄ جو پهاڪو

ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal