SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڇلڙو


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ڇلڙو

(Chhalro)

’ڇلو‘ هٿ جو زيور آهي، جيڪو ڪهڙي به آڱر ۾ پائي سگھجي ٿو، پر خصوصاًعورت چيچ ۾ پائيندي آهي. ڇلو لوهه، پتل، ٽامي، چاندي، ۽ سون جو ٿيندو آهي. دوست هڪٻئي کي سوکڙيءَ طور ڇلو ڏيندا آهن، پر ٻهراڙيءَ ۾ اڃا تائين ’ڇلي‘ کي نينهن جي نشاني سمجھيو وڃي ٿو. ڇلو = هندي ڇلا، سن. ڇَل=منڊيءَ جو قسم لوڪ شاعريءَ ۾ جانب جي جدائيءَ ۾ ڇلو ئي روح ريجھائيندڙ ۽ تسڪين قلب ڏيندڙ چيز آهي. ڇلڙو اهو گيت، جنهن ۾ ڇلي جو ذڪر هجي.مفهوم جي خيال کان شعر ۾ محبت جون ميارون، قرب جون پچارون ۽ نوري نشانيون ڄاتو آهي. سٽاءَ جي لحاظ کان ٿلهه کان علاوه هر مصرع ڏيڍ سٽي به ٿئي ٿي.”ڇلي“ جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: ائي منهنجو ڇلڙو ڙي ڪري پيو کوهه ۾ ڙي کوهه جي نار ۾ ڙي لوٽن مان ٿي وريو ادي منهنجو ڇلڙو - ”ڀلا يار جاني! آهيان تنهنجي ٻانهي، ڇلا روڙي روڙي ، ڪم قادر جوڙي، لکيو ڪونه موڙي


Remember Me Also:

آڳو پيڇو جاچڻ، سنڀالڻ

اڳ پوءِ جاچڻ. سوچ ويچار ڪرڻ ، دور انديشي ڪرڻ. ڳالهه جو نتيجو جاچڻ. نفعو نقصان سنڀالڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal