SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڀَرُ


:جامع سنڌي لغات ۾

ڀَرُ

ڀَرَ

ث. ڪوڙا سُورَ. ويم وقت پيٽ ۾ گهُمرا. دَٻَ. داٻَ ، ڪَشَ. اَن جي ماپَ ، ڀَرپ.

ڀَرِ جمع ڀَرُون، ڀَريُون

ث. ڪَپُ، ڪَپَرُ. ڪنارو ، ڪنڌي درياءَ يا واهه جِي ”ڀَريُون پرينءَ ڀَرِ، پَسُ جي پار پونديون“ شاهه. ڀِڪَ. وهڪري جي کاڌ. وَٽِ ، پاسو ، طرف. ويجهائِي ، اوڏائي. ظرف تقريبا ، اٽڪل ”سير ڀَرِ، ڪوه ڀَرِ“.

ڀَرِ

حرف جر. وَٽِ ، تي. ظرف پاسي ، طرف. مٿي ، مٿان. تائين.

ڀَرُ

ذ. زور ، سَتُ. جهَلَ ، ٽيڪَ ”سر جو سڃيو سڄڻين، ڀَرُ ڀيڏيءَ ڏيئي“ شاهه. آڌارُ ، آسرو ، ڀروسو ، وسيلو ”ٻيو ڀَروسو نه ڀَرُ، ڀيڏيءَ ڏيئي“ شاهه. ”ڀلائيءَ جو ڀَرُ، رهبر ٿيندءِ راهه ۾“. داٻُ ، دٻاءُ، بارُ ، وزن ”ڪچي ڪَٽُ نه جهليو، ڀيلو سهي نه ڀَرُ“. ڀَراءُ ،

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


شيخ اياز لغت

ڀَرُ

ڏَڍُ، آسرو، طاقت، ٽِيڪ، آٿت.
تون ڀيڻِي، تون ڀَرُ، ھانءُ نه منھنجو ھيکلو.
(ڪَپر ٿو ڪن ڪري:246)


ميون شاہ جي لغت

ڀَرُ

زور، جهل، ٽيڪ، سھار، ڏَڍُ، آٿت.
وَسِيلو نه وَسُ، ڀُنگي ڀَرُ نه ساريان. (ض،ع، س: ڌناسري،د: 2،ص81)


ڀَرُ سان لاڳاپيل لفظ


.


ڀَرُ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • آن ڀر
  • زندگي ڀر
  • منهن ڀر
  • مٺ ڀر
  • پاسي ڀر
  • پرين ڀر
  • پيرن ڀر
  • ڀر ڀر

  • .


    ڀَرُ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ڍولڪيون

    ذ. صفت. ڍولڪ وارو ، ڍولڪ وڄائيندڙ ، لنگهو ، طبلائي ، دُهلاري ، ڌوڪڙي. مارواڙ ملڪ ۾ رائج، رپئي برابر هڪ سڪو.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

    ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal