
ڀَتو جمع ڀَتا
ذ. [ف. بَستَه = ٻڌل خرچ] گشت ڪندڙ ڪامورن جي گشت جو خرچ. مسافريءَ جو خرچ. مسافريءَ ۾ کاڌي جو خرچ ۽ عوض ، راهه خرچ. هاريءَ کي ٻنيءَ تي موڪليل ماني ٿ. کاڌي جو مقرر انداز قيديءَ لاءِ. ڪَلَف ، پيڻ جو ڌوٻي ڪپڙن کي ڏيندا آهن ، ڪانجهِي.
ڀِتو
فعل. [مصدر ”ڀِچڻ“ مان ماضي] پهتو ، پُڳو. کُتو. ٺهڪيو. ٻيڪڙجي قابو ٿيو هڪ پُڙ ٻئي پڙ سان، طاق ٻئي طاق سان. تنگ ڪري نقصان وڌو هڪ ماڻهوءَ ٻئي کي.
ڀُتو جمع ڀُتا
ذ. صفت. جهُونو ، ڪُهنو. ڳريل ، سڙيل. کاڄي ويل ڪاٺ جو سَٽ نه جهلي سگهي ”سندو ڪاٺ ڪَهُو، ڀُتو ئي ڀَرُ سَهي“ شاهه ڪريم. بي طاقت ، هيڻو ، ڪمزور ، ضعيف. پوڙهو ڪ. ث ڀُتِي جمع ڀُتيون ”مون ٿي چَيُئي ڪانڌ، ڀُتي ڀاڙ مَ مڪڙي“ شاهه.
ڀُتو جمع ڀُتا
ذ. [سن. ڀَوَنتِيَه = ڀوانٽي] نشيدار شين جي وڪري جو دڪان ، گُتو.
ڀُتو (ڪ)
اسم مفعول. ورتو ، جهليو ، ڦاٿو بيماريءَ ۾، جن جي حساب ۾، يا ڪنهن تڪليف ۾. ٻئي جي بيماريءَ مان ورتل.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
گرامر noun
- اسم
allowance
ڀَتو سان لاڳاپيل لفظ
.
ڀَتو بابت وڌيڪ اصطلاح
ڀنڀ
ث. صفت. تمام گهڻي اونده ، ڪاري ٻاٽ ، گهُگه انڌارو ”ڀِنڀ اونده“.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal