SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ڀـرڻ


مفصل سنڌي لغت مان؛

ڀـرڻ

اعرابن سان:ڀَـرڻُ

]مص - فعل متعدي[ پر ڪرڻ (پيٽ ۽ کڏ وغيره)

* تار ڪرڻ، چڪار ڪرڻ، ڪناتار ڪرڻ (پاڻيءَ وغيره سان ڪو ٿانءُ)

* ماپڻ (ان وغيره)

* وات ۾ وجهڻ (گـِرانهه)

* پورائي ڪرڻ (نقصان جي)

* ريشم يا سٽ جي گلڪاري ڪرڻ (ڪپڙي وغيره تي)

* پيئارڻ، ادا ڪرڻ (پئسا، فيس يا ڍلَ وغيره)

* کڻڻ (پير، قدم)

’پر تئون پير ڀري، ملهايو مسڪين کي‘ (شاهه)

* ڀيٽڻ (تڪيا)

* لِکي ڏيڻ (دستاويز يا هنڍيءَ جي پٺ)

* ڪارتوس وجهڻ (بندوق ۾)

* تَماڪ وجهڻ (حقي جي ٽوپيءَ يا سلفيءَ ۾)

* بَـرغلائڻ، ڀڙڪائڻ، خلاف ڪرڻ، مڇرائڻ، ڪنهن جي خلاف ڪنن تي ڳالهيون وجهڻ ’ڪن ڀرڻ‘

* ڪئمرا يا ڪئسٽ وغيره ۾ ريڪارڊ ڪرڻ (گانو، تقرير يا ڳالهه ٻولهه وغيره)

* ]سن: ڀر ِ = ڀرڻ[

* [مص] ڀَرڻ

* [امر] ڀَر

* [مضارع] ڀَريان (ج) ڀَريون، ڀَرين (ج) ڀَريو، ڀَري (ج) ڀَرينِ

* [زمان حال ٺاهڻ لاءِ معاون فعل ’ٿو‘ ۽ زمان حال استمراريءَ لاءِ ’پيو‘ جا مذڪر، مونث جمع جا صيغا ڳنڍبا آهن]

* [حال] ڀَري ٿو (ج) ڀَرينِ ٿا

* [حال مث] ڀَري ٿي (ج) ڀَرينِ ٿيون

* [ماضي] ڀَريو (ج) ڀَريا

* [ماضي مث] ڀَري (ج) ڀَريون

* [مستقبل] ڀَريندو (ج) ڀَريندا

* [مستقبل مث] ڀَريندي (ج) ڀَرينديون

* [اسم مفعول] ڀَريلُ

اعرابن سان:ڀِـرَڻُ

]مص - فعل لازمي[ ڦِرڻ، ڦيرو ڪرڻ، چَڪر هَڻڻ، ڦيريون پائڻ

’ميي سيئي ماڻيا، جِت نه ڀَرن ڀؤنرَ‘ (شاهه)

* موٽڻ، ورڻ، واپس اچڻ، ٻيهر اچڻ، ڀيرو ڪرڻ

’آهيان گهڻو اڄاڻ، ڀـِر ُ ڀليرا سپرين‘ (شاهه)

* راضي ٿيڻ، پرچڻ، خوش ٿيڻ

* مهرباني ڪرڻ

* فائدو رسائڻ

* ]سن: ڀرم = ڦرڻ[

’سک ٿي ستيون ڪين سي، ڀـِري ساڻ ڀتار‘ (شاهه)

* [ڀِريو، ڀريا، ڀري، ڀريون، ڀرندو، ڀرندا، ڀرندي، ڀرنديون، ڀريل]

اعرابن سان:ڀُـرَڻُ

]مص - فعل لازمي[ سَنها ذرا ذرا ٿيڻ، اٽو ٿيڻ

* ٽِڙڪي ٽڪرا ٿيڻ، ڀڪا ٿيڻ

* ڏري پوڻ

* خرچ ڪرڻ

* [ڀِـُريو، ڀـُريا، ڀـُري، ڀـُريون، ڀـُرندو، ڀـُرندا، ڀـُرندي، ڀـُرنديون، ڀـُريل]

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


.


ڀـرڻ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • بـدر ڀـرڻ
  • بـدن ڀـرڻ
  • بڀ ڀـرڻ
  • تـر ڀـرڻ
  • جاءِ ڀـرڻ
  • جانـو ڀـرڻ
  • مجرو ڀـرڻ
  • ٻـه پيـر ڀـرڻ
  • ٽـنگ ڀـرڻ
  • پاڻـي ڀـرڻ
  • پـرائـي ٻار مان ٻـڪ ڀـرڻ
  • پـنڊا ڀـرڻ
  • پـٺ ڀـرڻ
  • پيـر ڀـرڻ
  • پيٽ ڀـرڻ
  • پيٽ کـير ڀـرڻ
  • ٿـڌا شوڪارا ڀـرڻ
  • ٿـڌا گهڙا ڀـرڻ
  • ڀانڊو ڀـرڻ
  • ڀـرئي کي ڀـرڻ
  • ڀـرت ڀـرڻ
  • ڀـريا گھر ڀـرڻ
  • وڌيڪ نتيجا ڏسو....


    Remember Me Also:

    ڍيڪڻي نه ميڪڻي

    ث. ڪجهه به نه هُئڻ واري حالت ، سُڃَ ، سُڃائِي ، سَکڻائِي.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal