
Thomas Green Hill
هيگل ۽ ڪانٽ کان متاثر هي آزاد خيال مفڪر 1836ع ۾ ڄائو ۽ 1882ع ۾ مري ويو.هن مفڪر جي خيال مطابق رياست هڪ قدرتي ادارو آهي، جيڪا رباني روح جو زنده شاهڪار آهي. اها فرد جي بقا ۽ زندگي لاءِ ضروري آهي. انساني شعور رياست جو بنياد ۽ ارادو ڪامياب رياست جو جز آهي.گرين جي خيال مطابق عام ماڻهوءَ جي ڀلائي لاءِ گهربل ۽ مڃيل طاقت جو نالو حق آهي. حق ازلي نه هوندا آهن. حق ۽ فرض هڪ ٻئي لاءِ لازمي آهن. آزادي جي حاصلات جو مقصد رڳو فرد جي آزادي بدران سموري سماج جي آزادي هوندي آهي. ڪرڻ لائق ڪم جو ٻيو نالو آزادي آهي.سندس خيال ۾ حق ۽ فرض جو نالو قانون آهي جنهن کي حڪومت رياست ۾ نافذ ڪري ٿي. هي سزا جي اصلاحي نظريي جو حامي آهي. هن هيٺيان ڪتاب لکيا آهن.(1) Prolegomena to Ethics 1883. (2) Lectures on English evolution. (3) Principles of Political Obligations. (4) Liberal Legislations and Freedom of Contract.
ٻورو
ذ. [ف. بُورا؛ هه. بورا] ويڪر وارن پاسن کان سبيل ۽ ڊيگهه واري پاسي کان کليل ڳوڻ جا ڀاڻ، مِٽيءَ، واريءَ وغيره کڻڻ لاءِ ڪم اچي، ۽ گڏهه يا اُٺ تي لڏجي. اَن، مٽي، ڀاڻ، واريءَ وغيره جو خاص مقدار جو هڪ ٻوري ۾ ڀرجي سگهي. کَڙيو ، خرجين. بار لڏڻ لاءِ ڳوٿرو ڳوڻ
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal