
پَرِ جمع پَريُون
ث. [سن. پال] ريت ، رسم ، رواج ، دستور. هلي چلي ، عام رواج. هلت ، عادت ، لڇڻ. نمونو. طرح.
پَرُ
ظرف. [سن. پَر؛ ف. ”پار“ جو مخفف] گذريل ، گذري ويل ، گذشته سال.
پَرُ
ظرف. [سن. پَر] پري ، ڏُور ، پرانهون. صفت ٻاهريون ، پرديسي. ڌاريو ، اوپرو ، اوڦٽو. ”توڙي لک لُٽاءِ، ته به پَرُ پنهنجو نه ٿئي“ چوڻي.
پَرُ جمع پَر
ذ. [ف. پَر] کنڀڙاٽي پکيءَ جي، جنهن سان اُڏامي کَنڀُ ، پَکُ ، بازوُ.
پِرُ
ذ. [سن. پِريَه = پيارو] ’پرين‘ جو مخفف. پيارو ، محبوب ، پريتم ، دوست ، جانب. ”پري نهارڻ پِر کي، سندو ڄَٽن ڄاڻ“ روحل.
پُرِ جمع پُريُون
ث. [سن. پُر] شهر. ڪوٽ ، قلعو. ڳوٺ ، وَسِي. ماڳ ، هنڌ ، جاءِ. سنڌ ۾ ڳوٺ ۽ شهر ”پُر“ جي پڇاڙي سان نالا آهن. جيئن ”خيرپُر، نصرپُر وغيره“.
پُر (ذ)
صفت. [ف] ڀريل ، ٽُٻُ ، ٽار ، ٽمٽار. مُنهان تار ، لبالب ، ڪناتار.
پَرَ (ڪ)
ث. بلا جو هڪ قسم سنهڙي، ۽ ميرانجهڙو رنگ ، ٽُڪلو. ل.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
پِرُ
پريتم، پيارو، جانب.
پِرُ نه پائي پيرُ، پَرُ ڪيائون پانھنجو.
(وِڄون وَسڻ آئيون:113)
پِرُ سان لاڳاپيل لفظ
.
پِرُ بابت وڌيڪ اصطلاح
.
پِرُ لفظ جو عام استعمال
اڀنگ
ذ. [سن. اُشُمَ = اُس، ۾ گڏ ٿيل ڪٽ جو ڳنڍو لوهه کي تپائڻ سان ڪٽ جو ڳنڍو لوهه کي تپائڻ سان ڪَٽ کُوري جي تَر ۾ گڏ پَئي ٿيندي آهي جا ڪجهه وقت بعد رُڪ کان به وڌيڪ مضبوط ٿيندي آهي. آڙنگُ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal