
پَکو
اسم خاص. تعلقي قنبر ۾ هڪ ديهه جو نالو.
پَکو جمع پکا
ذ. [سن. پَڪش + ڪَ] تيلين يا ڪانن مان ٺهيل ، پَتَرَ جا لانڍين ٺاهڻ ۽ ڇتين ڍڪڻ ۾ ڪم اچي. ڇَپَرُ. مَنَهُن. لانڍي. پکن مان ٺهيل جهوپڙي اَجهو ، ڍَڪُ. وِنجڻو ، وِڃڻو. کُوري جي باهه ڌڳائڻ لاءِ هڪ لوهو اوزار. ٽانگي جو هڪ حصو ڦيٿي جي مٿان ڪمان وانگر وريل لوهو ي
پُکو جمع پُکا
ذ. ڀاڱو ، حصو. ونڊ ، ورهاست. گهڻن ماڻهن مان ڪنهن هڪ ماڻهو جي ڪڻي ذريعي چونڊ. قسمت موجب ورهاست ڪرڻ جو اڪثر اهو طريقو آهي جو نالا چٽڪين تي لکي، چِٽڪيون ويڙهي انهن مان هڪ چٽڪي کڻجي.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
پُکو
نصيب، قسمت، ڪُڻو، ڀاڱو، گهڻن ماڻھن مان ڪنھن ھڪ ماڻھوءَ جي ڪُڻي ذريعي چونڊ.
فال جو پُکو وِڌائون ته مون ديواني جو نانءِ نڪتو.
(اَڪ جون ڦُلڙيون ڀيڄ ڀِني:76)
(2) آءٌ وِساريان ڪيئن، پُکو پاڙيچن سين.
(ڪَپر ٿو ڪن ڪري:168)
پُکو سان لاڳاپيل لفظ
.
پُکو بابت وڌيڪ اصطلاح
.
پُکو لفظ جو عام استعمال
ٽه
پت. ٽه پتي ث. ٽِن پَتن واري جوئا راند. جنهن ۾ پتن هلائڻ جو ماهر ڪي به ٽي پتا کڻي تڪڙو تڪڙو هلائي اُبتا رکي مقابل کي گهربل پتو کڻڻ لاءِ چوي. جيڪو ڳولي نه سگهبو آهي هَٿَ جي چالاڪي. دوکو ، ٺڳي.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal