SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پُڙُ


:جامع سنڌي لغات ۾

پُڙُ

پَڙِ

صفت. سن. پَرَ = پرانهون، پويون، وڏو. هي لفظ فقط عزازت ڏيکاريندڙ لفظن جي اڳيان ڪم اچي، پڙڏاڏو، پڙنانو وغيره.

پَڙُ جمع پَڙَ

ذ. [سن. پَٽّ] چادر يا ڪپڙو جو ڪنهن قبر مٿان وجهجي. غلاف ، پردو. سنهون پردو جنهن ۾ ماءُ. پيٽان ٻارُ ويڙهجي نڪري.

پِڙُ جمع پِڙَ

ذ. سن. پِنڊَ ، گول ٿَلهو ميدان، وڏو ميدان. گولائي ۾ زمين جو ٽُڪر جو ملاکڙي، تماشي، راندين وغيره ۾ استعمال ڪيو وڃي. اُهو هنڌ جتي انگاس کُتل هجي ۽ عاشورن ۾ ماتم ڪيو وڃي. جيئن حيدرآباد شهر ۾ فقير جو پڙ. واڍن جو پڙ، ڪورين جو پڙ وغيره. مڪان. اوتارو. عاشور

پُڙُ جمع پُڙَ

ذ. [سن. پُٽَ] تَههُ ، پرتُ. رليءَ جو مٿيون يا هيٺيون تَههُ. مانيءَ جو تَههُ. ڍَڪُ ، ڍَڪَڻُ ٿانءُ، ڍاڪون، دلي، پيتيءَ وغيره جو. جنڊ جو هڪڙو پَتَرُ. ساهميءَ ترازوءَ جو هڪ پاسو.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


شيخ اياز لغت

پُڙُ

پَلڙو، تارازيءَ جو ھڪ پاسو.
سَچُّ اھا تارازي آھي، جنھن ۾ ھر ڪو اِئن سمجهي ٿو،
ھن جو ئي پُڙُ ڀاري آھي.
(ڪَپر ٿو ڪن ڪري:332)


پُڙُ سان لاڳاپيل لفظ


.


پُڙُ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • سڀ پڙ
  • پڙ پڙ
  • پڙ، پڙ
  • چنڊ جو پڙ
  • ڳاهه جو پڙ

  • .


    پُڙُ لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    ساکاڻي

    اسم خاص. چانڊين جي قبيلي جي هڪ شاخ جو نالو.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.

    جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal