
پَٺَ جمع پَٺُون
ث. اُها ٻڪري، جا لڳ جهڙي هجي ۽ عمر اٺ ڏَهه مهينا هجيس ، آيٺَ. اَٺن ڏهن سالن جي ڇوڪري ، ٽَٻَرِ ت. نئين ساماڻل. سهڻي ڇوڪري. جو هڪ عضوو.
پَٺُ جمع پَٺَ
ذ. ٻيڙيءَ جو هڪ عضوو جيڪو درياء جي ٻيڙيءَ. پَسُنِ کي پاڻ ۾ ڳنڍي. کاري جي ٻيڙيءَ ۾ مٿيون تختائُون فرش. فالڪو درياء. هوڙيءَ جو اولو ک.
پِٺ
ث. پُٺِي ، پُٺ. ”ڪي ريڳاڙيون ريش ۾، ڪن پکڙي جهلي پِٺ.“ الهه ڏنو.
پُٺِ جمع پُٺِيُون
ث. [سن. پرشٺَ] بدن جو پٺيون يا ڪَرنگهي وارو پاسو ، پُٺي ، پُٺا ، پُشت. ڪنهن به شيءِ جو ٻيو پاسو ، اولاد. پڇاڙي ، آئيندو. پيڇو ، ڪَڍ. [سن. پُشٺِ = قوتّ > پُش = مضبوط ڪرڻ] طاقت. مدد ، ٽيڪ. سفارش ، پارت. هلندي پڄندي ، رُسوخ.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
گرامر noun
- اسم
back; rear; aid; support; favour
پُٺِ
پويان، پُٺ تان، پُٺيان.
ڇا لئه ھيءَ ڪُرُڪُرُ، ڀاڻي تي ڀُڻ ڀُڻ ڪرين!
سُک ڇايا وانگر ڇو تُنھنجي پُٺ تان ھلي .
(ھينئڙو ڏاڙھونءَ گل جئن:169)
پُٺِ سان لاڳاپيل لفظ
.
پُٺِ بابت وڌيڪ اصطلاح
.
پُٺِ لفظ جو عام استعمال
سيرپ
ل ث. سنوارت ، حجامت ، سيربَ.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal