SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پُور


:جامع سنڌي لغات ۾

پُور

پُورُ جمع پورَ

ذ. [سن. پول] خالُ. پولاڻ. وڏو سوراخ ڪاٺ وغيره ۾. ڇُرُ جو ٺپو ، ڇاپو. ڪاٺ تي اڪريل چٽ جن سان ڪپڙي تي چٽَ ڪڍجن. آڱر جي ٽن حصن مان هڪ حصو. گَڏَهَ يا گهوڙي جو کُرَ ٿ.

پُورِ

صفت. ”پُورو“ جو مُخفف. پورو. هڪ جيترو ، هڪ جيڏو. برابر. عموما مرڪب لفظن جي اڳيان يا پويان ڪم اچي ”پور وڇوٽي“. ڀرپور وغيره.

پُور

ذ. [ف] پُوران ، پُٽُ ، فرزند.

پُورُ

صفت. [ف. پُر] ڀريل ، تار ، ٽُٻ ، لبالب. ڏسو ”پُر“

پورَ (ٿ)

ذ. ڪَچا ۽ ننڍا گدرا وغيره.

پورِ (ٿ)

ظرف. گذريل سال ، پَر.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


شيخ اياز لغت

پُور

ڀرپور، مڪمل.
پرينءَ سان ھر پُور، سَرچِي اَڄُ ته سَرِيرَ جو.
(ڪَپر ٿو ڪن ڪري:126)


ميون شاہ جي لغت

پُور

جاءِ، جڳهه، منزل، ماڳ.
اَکِڙِيُون ’عِناتُ‘ چئي، پوتيون اُنھيءَ پُور.(س: ديسي،ف:1،ص243)


پُور سان لاڳاپيل لفظ


.


پُور بابت وڌيڪ اصطلاح

  • بختاور پور
  • بخش پور
  • بهار پور
  • تصور- خيال- پُور
  • جاگيرداد پور
  • جلال پور
  • حاجي پور
  • حسين پور
  • دين پور
  • رمضان پور
  • زنگي پور
  • سومان پور
  • شريف پور
  • شيخ پور
  • شيران پور
  • عادل پور
  • عاقل پور
  • عجائب پور
  • علي پور
  • علڻ پور
  • عمراڻي پور
  • عنايت پور
  • وڌيڪ نتيجا ڏسو....


    .


    پُور لفظ جو عام استعمال


    Remember Me Also:

    داٻيچي

    اسم خاص. ضلعي ٺٽي ۾ هڪ ديهه جو نالو.

    Let's Learn Sindhi

    اڄ جو پهاڪو

    ڌاريا، ڌارين جا يارَ.

    ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal