
پِراڻُ جمع پَراڻَ
ذ. [سن. پراڻ > پرا = گهڻو. اَن = جيئڻ] ساهُ ، پَساههُ ، دم ، پران. حياتي ، زندگي ، جياپو. روح ، جان. صفت پيارو ، جاني.
پُراڻُ
صفت. [سن. پُراڻ > پُرا = پراڻو] پراڻو ، جهونو ، قديم ، اوائلي ، ڪم ۾ آندل ، واپرايل. اسم خاص سنڌو نديءَ جو هڪ پُراڻو وهڪرو. تعلقي ڊگهڙيءَ ۾ هڪ ديهه جو نالو.
پُراڻُ جمع پُراڻُ
ذ. [سن] آڳاٽي زماني جي ڪا شيءِ. گذريل واقعا. آڳاٽي زماني جا قصا. قديم آکاڻيون ۽ ڏَند ڪَٿائوُن” قديم قصا. هندن جا ارڙهن پوتر ڌرمي ڪتاب وشن، نارويا، ڀاڳِوَتَ، گرو، پَدَمُ، وراها، تيسا، ڪريا، لنڪا، شو، سڪند، اگني، بَرُهم، برهمند، بِرهَمُ ديورت، مارڪڻڊيه، ڀو
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
پُراڻِ
سنڌو نديءَ جو هڪ پُراڻو وَهڪرو ، جنھن جي وهڪري جا نشان ميرپور خاص تعلقي کان وٺي هيٺ ڏکڻ طرف ڊگهڙي ۽ ٽنڊي باگي تعلقي جي حدن ۾ موجود آهن.
اُٺا پَٽَ پُراڻ جا، لَڪڙي، سامارو.(س: سارنگ،ف :1،ص276)
2. هلئو سِڪَ حَبيبَ جي، ٿا پُراڻِ پَسَنِ.(س: ڌناسري،ف:
پُراڻِ سان لاڳاپيل لفظ
.
پُراڻِ بابت وڌيڪ اصطلاح
راجپوتانا
اسم خاص. هندوستان جي هڪ علائقي جو نالو.
پاڻي ڪيڏو به اونهو، پر ڪکُ تري.
جيئن ڪکُ پاڻيءَ کان وزن ۾ هلڪو هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ تري ٿو، تيئن انائن کان آجو ۽ نهٺو ماڻهو به ڏکيا ڏينهن نٿو ڏسي. مثال: ”ڇُڄُ ٻُڏي، کاري ٻڏي، پروڻ ڇو ٻڏي، جنهن کي سؤ ٽنگ...؟ (ماٿيلي.... 186)
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal