
پَٻُ
اسم خاص. هالار جبلن جي ڏاکڻي قطار جو نالو. ”ڇڪي ڇنائِين، پنڌ مِڙوئِي پَٻَ جو.“ شاهه.
پَٻُ جمع پَٻَ
ذ. [سن. پاد = پير] پير جو مُهڙ وارو حصو. جُتيءَ جي پادر جو اڳيون ڀاڱو جنهن ۾ پير جي پٻ وارو حصو رهي. کانڀاڻيءَ يا گُليل جو کپ جنهن ۾ ڳوڙهو رکجي.
پَٻَ (ت)
ث. چَٽَ ، ڌاڌَر ، پَٻِي.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
کانڀاڻيءَ جي ڳوڙهي وجهڻ جي جاءِ
گرامر noun
- اسم
the fore part of the foot or shoe
پَٻُ
پير جي تريءَ جو اڳيون حصو
پَٻُ
جبل، ھالار جبلن جي ڏاکڻي قطار جو نالو.
ڪارونجهر جي پَٻَ، جهورِ نه تن جون جهوپڙيون
تن ۾ ڪائي رَٻَ، ھو جي ڏويون ڪاٺ جون.
(اَڪن نِيرا ڦُليا:62)
(2) اُٿو پٿر پٻ جا، ھن جا پير چُمو
ڪندو ڪونه ٻيو، ريٽو پنھنجي رَتُ سان.
(ڪَپر ٿو ڪن ڪري:118)
پَٻُ سان لاڳاپيل لفظ
.
پَٻُ لفظ جو عام استعمال
الا مان
ندا. يا رب پناه! رحم! امن!.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal