
بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:
Self Fulfilling Prophecy
سيلف فُلفلنگ پروفيسي
1949ع ۾ عمرانيات جي نامياري ماهر آر ڪي مارٽن پنهنجي ڪتاب ”سوشل ٿيوري اينڊ سوشل اسٽرڪچر“ ۾ ”سيلف فُلفلنگ پروفيسي“ جو اصطلاح استعمال ڪيو. هيءَ هڪ اهڙي قسم جي سوچ آهي، جنهن ۾ سوچيندڙ پنهنجي فهم مطابق اهو سمجهندو آهي ته هو جيڪو سوچي ٿو اهو ئي صحيح آهي. مثال طور ملڪ ”الف “ پنهنجي طور تي اهو سمجهي ته ملڪ ”ب“ مٿانئس چڙهت ۽ غلبو رکڻ چاهي ٿو ۽ انهيءَ سوچ جي تسلسل ۾ ملڪ ”الف“ پنهنجي سرحدن تي فوجون به وڌائي ڇڏي. ساڳئي وقت جيڪڏهن رد عمل ۾ ملڪ ”ب“ به پنهنجين سرحدن تي فوجون وڌائيندو، ته ملڪ ”الف“ ان تبديليءَ کي ”پنهنجي منهن ڪيل اڳ ڪٿيءَ“ مطابق رٿيل پنهنجي سوچ کي صحيح سمجهندو. رياستي لاڳاپن جي حوالي سان اها سوچ سياسي معاشي ۽ سماجي دائرن تي تمام گهڻو اثر وجهي ٿي. معاشيات جي ماهرن جو خيال آهي، ته دنيا ۾ اسٽاڪ مارڪيٽن جي تباهه ٿيڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب پنهنجي منهن انداز هڻڻ يا اٺسٺا ڪرڻ جو عمل آهي
جهلڻ
مصدر. سن. دُلَنَ. دُل = لُڏڻ لُڏڻ ، جهولڻ پينگهه ۾. لاڏ سان جهولي اچڻ. ”سدا وسين تون ساڱرا، تو مٿي محمد مير، تو ۾ جهلنديون جهالر ونديون مليو ميٽ ملير“ ميون شاهه عنايت.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal