SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پـڙهڻ


مفصل سنڌي لغت مان؛

پـڙهڻ

اعرابن سان:پَـڙهَڻُ

[مص - فعل متعدي] تعليم پرائڻ، سکيا وٺڻ، علم پرائڻ

* مطالعو ڪرڻ، اڀياس ڪرڻ

* عبادت ڪرڻ، نماز پڙهڻ، تلاوت ڪرڻ (قرآن پاڪ جي)

* پوڄا پاٺ ڪرڻ

* ورد ڪرڻ، دور ڪرڻ، ذڪر ڪرڻ

* تقرير ڪرڻ، خطاب ڪرڻ، مجلس پڙهڻ، واعظ ڪرڻ

* جھاڙ رکڻ، دم ڪرڻ (بيمار تي)

* [مص] پَڙهڻ

* [امر] پَڙهه

* [مضارع] پَڙهان (ج) پَڙهـُون، پَڙهِين (ج) پَڙهو، پَڙهي (ج) پَڙهن

* [زمان حال ٺاهڻ لاءِ معاون فعل ’ٿو‘ ۽ زمان حال استمراريءَ لاءِ ’پيو‘ جا مذڪر، مونث جمع جا صيغا ڳنڍبا آهن]

* [حال] پَڙهي ٿو (ج) پَڙهن ٿا

* [حال مث] پَڙهي ٿي (ج) پَڙهن ٿيون

* [ماضي] پَڙهيو (ج) پَڙهيا

* [ماضي مث] پَڙهي (ج) پَڙهيون

* [مستقبل] پَڙهندو (ج) پَڙهندا

* [مستقبل مث] پَڙهندي (ج) پَڙهنديون

* [اسم مفعول] پَڙهيلُ

مخففن جي سمجھاڻي

اسم تصغير (ا – تصغير)، اسم حاليه (ا – حاليه)، اسم خاص (ا – خاص)، اسم عام (ا – عام)، اسم فاعل (ا- فاعل)، اسم مصدر (ا – مص)، اسم مفعول (ا – مفعول)، حالت جري (ح – ج)، حالت فاعلي (ح – ف)، حالت مفعولي (ح – م)، حرف جر (ح – جر)، حرف جملو (ح – جملو)، حرف ندا (ح – ندا)، صفت (صفت)، فعل (فعل)، فعل لازمي (فعل لازمي)، فعل متعدي (فعل متعدي)، فعل متعدي بالواسطه (فعل متعدي بالواسطه)، فعل مجهول (فعل مجهول)، مذڪر (مذ)، مؤنث (مث)، واحد (و)، جمع (ج). -’مفصل سنڌي لغت‘ ۾ مختلف ٻولين ۽ لهجن جون نشانيون هيٺينءَ ريت ظاهر ڪيون ويون آهن. اترادي لهجو (ات)، اپڀرنس (اپ)، انگريزي (انگ)، براهوي/بروهڪي (بر)، بلوچي (ب)، ترڪي (تر)، ٿري (ٿ)، پراڪرت (پرا)، پشتو (پش)، پنجابي (پنج)، جتڪي لهجو (جت)، جپاني (جپ)، چيني (چ)، روسي/رشين (رش)، سرائيڪي (سرا)، سنڌي (س)، سنسڪرت (سن)، عربي (ع)، فارسي (ف)، قديم سنڌي (ق - س)، ڪڇي (ڪ)، ڪوهستاني لهجو (ڪوهه)، گجراتي (گ)، لاڙي (س.ل)، لاسي (لس)، مارواڙي (ما)، هندڪو (هه)، هندي (هند)، يوناني (يو)


پـڙهڻ سان لاڳاپيل لفظ


.


پـڙهڻ بابت وڌيڪ اصطلاح

  • باب پـڙهڻ
  • جمعو پـڙهڻ
  • جهاڙ پـڙهڻ
  • ٻـه رڪعتون پـڙهڻ
  • ٻـه نــفـل پـڙهڻ

  • Remember Me Also:

    لوٻڻ

    لُوٻَڻُ

    مصدر. (سن لُربَ= ويڻ+ بَرُ= وڃڻ يا لَڙ= وِلوڙڻ) طعنا تنڪا هڻڻ، مهڻا ڏيڻ. ڪُرڪڻ، جهڻڪڻ. ڪاوڙجڻ، ڏمرجڻ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal