(Puppet Show)
ڪاٺ، ڪپڙي يا پلاسٽڪ وغيره جي ٺهيل گُڏن ۽ گُڏين يعني پتلين کي سنهن ڌاڳن يا تارن وسيلي ناچ ڪرائڻ جو سانگ. هندن جي خوشيءَ جي موقعن تي تماشي وجهندڙ پنهنجن ڪرتبن ذريعي ماڻهن جي خوب دل وندرائيندا آهن. مداري ڪاٺ جي گڏن (پتلين) کي هڪ مخصوص انداز ۾ناچ ڪرائيندا آهن . پتلين جو کيل ڊرامي جو اوائلي اهڃاڻ آهي. هن کيل ۾ باقاعدي ڪردار ٺاهيا ويندا آهن. پاڪستان ۾ لاهور آرٽس ڪائونس ۾ فيض احمد فيض جي زال ايلس فيض ۽ سندس ڌين ان کي باقاعده فن طور متعارف ڪرايو ۽ رفيع پيرزاده اهڙي ٿئيٽر جي ابتدا ڪئي، جيڪو اڃا تائين ڪم ڪري ٿو. اڄ به سنڌ توڙي هند جي ڪجهه حصن ۾ پتلين جو کيل عام آهي. ’پتلين جو تماشو‘، ادل سومري جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعريءَ جي ڪتاب جو پڻ نالو آهي.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal