
پاسَ
ذ. [ف] سنڀال ، نگهباني. لحاظ ، خيال ، رعايت. سانگو ، سبب. طرفداري ، حمايت. اڪثر مرڪب لفظن جي اڳياڙي ۾ ڪم ايندڙ لفظ. ”پاسبان، پاسخاطري، پاسدار وغيره“.
پاسِ
ذ. [سن. پارشو] پاسو ، طرف. ڀَرِ. ظرف وٽ ، ويجهو ، قريب ، نزديڪ ”آسپاس“.
پاس
ذ. [انگ. ]ُass لنگهه ، راههَ. جو رستو. صفت ڪامياب امتحان ۾. ڪامياب ٿيل. آزمائش ۾. پسند ، منظور.
پاسُ (ت)
ذ. [سن. پِشِت] گوشت ، ماس. پاههُ. آڏاريل يا ڳريل گوشت. ”گوشت کاڌي وَڌي پاسُ، ان، کاڌي وڌي اوجهري، کير پيتي وڌي رتُ. گيهه کاڌي وڌي کوپري“.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
پاسِ
پاسي ۾ يا ڀرسان
پاسِ
وَٽ، قريب، ڀر ۾، ڀرسان، نزديڪ، ويجهو،ساٿ ۾.
رَهين پاسِ پِريَنِ، ته ڪوهه طَبِيب طَلبئين. (س: جمن،ف:1،ص93)
2. عرض ڪري عاجزيون، رونجهي پاس رَهي. (ض،ع، س: رامڪلي،د: 1،ص66)
3. رَڙِي ريٻارڻ روءِ، اُڀي ڍنگهر پاس. (ض.ع، س: ڏهر،د: 1،ص121)
پاسِ سان لاڳاپيل لفظ
.
پاسِ بابت وڌيڪ اصطلاح
.
پاسِ لفظ جو عام استعمال
اکا وجهڻ
هڪ رسم موجب مري ويل عزيزن جي قبرن تي جِيتن ۽ پکين جي کائڻ لاءِ چانورن داڻا اُڇلائڻ.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal