
پار
ظرف. [ف] گذريل ، پويون.
پارَ
ذ. [سنڌي. پارُ جمع پارَ] هي لفظ هميشه جمع ۾ ڪم اچي. نشان سڃاڻپ لاءِ ، اهِڃاڻ. ڪم ، افعال ، لڇڻ. عادتون ، خصلتون. گُڻ ، وصفون. رواج. ڪنهن فوتيءَ تي روئڻ وقت ان جون وصفون بيان ڪرڻ ، اوسارا.
پارَ
ث. نار جي نيسر ک. چونري يا لانڍي ۾ ٺاهيل جارو. اڱڻ جي ڪِنار ٿ.
پارِ
ظرف [سن. پار] ٻي ڪپ تي ، هُن ڀر ، ٻئي پاسي درياءُ جي ، پرارِ.
پَارُ جمع پَارَ
ذ. [سن. پَارَ] نديءَ جو ٻيو ڪپ ، پراڙِ. طرف. پاسو. طرفداري ، حمايت. لحاظ. پتو ، ڏَسُ. نشان ، اهڃاڻ. لڇَڻ ، عادت. حدَ ، ڇيڙو. اوسارو. تانگهو. کوههُ جنهن ۾ تَڙ جو پاڻي نه هجي پرسيمي جو پاڻي اچي. ٿر ۾ اهڙن کوهن جي اونهائي ٢٥ فوٽن کان ٥٠ فوٽن تائين ٿئي، اُنه
پَٿارَ (ٿ)
ث. هيٺاهين زمين ، تَرُ.
(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي
گرامر Adverb
- ظرف
across; on the other side; through
پارِ
ٻئي پاسي، ڏانهن، سوڀَ، زبان کي پاڻي ڏي يا انجام جو پار
پارِ سان لاڳاپيل لفظ
.
پارِ بابت وڌيڪ اصطلاح
.
پارِ لفظ جو عام استعمال
ڍرڪون
ذ. صفت. ڍرڪندڙ ، ڍرڪِي وارو. بيماريءَ سبب ضعيف ٿيل ، ساڻو ٿيل ، تمام گهڻو ٿڪلُ ، ٿڪَلُ ٽُٽَلُ ، هَڄِيَلُ ، ڇِنَل ، کُٿَل ، بِلڪُل سُست ، سِٿَل ، ڍِلو ، وِساڻو ، ڪَاهِل ، ٽوٽِي ، آرسِي. سومتي. پورو ٿيل ، ختم ڪيل.
ڌاريا، ڌارين جا يارَ.
ڌاريا پاڻ ۾ ڀلي ذات، قبيلي ۽ قوم جي حوالي سان ڌار ڌار هُجن، پر اُنهن جا مفاد پاڻ ۾ سلهاڙيل ۽ هڪجهڙا هوندا آهن، انڪري اُهي نه چاهيندي به پاڻ ۾ جُٽُ ۽ گڏ هوندا آهن.
SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.
Visit the siteSLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.
Visit the libraryFor the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.
Go to portal