SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ٽيليويزن ڊراما نگاري


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

ٽيليويزن ڊراما نگاري

(TV Plays)

’ٽيليويزن يا ٽي. وي. ڊراما‘ نه رڳو تخليقي ادب آهي، پر ساڳئي وقت هڪ فني ڪاوش به آهي، انهيءَ لحاظ کان ادب جي ميدان ۾ ٽيليويزن ڊراما هڪ اهم صنف آهي.”ٽي-وي. ڊرامي جي ٽيڪنيڪي پهلوءَ کي سمجهڻ لاءِ ٽيليويزن جي سازو سامان (Equipments)، ان جي ممڪن سگهه يا وس آهر سهوليتون (Potentialities) ۽ بندشن (Limitations) بابت ڄاڻ رکڻي پوندي آهي. خاص طور (1) ٽيليويزن اسٽوڊيو، (2) ڪٽرول روم، (3) فلم ۽ ٽيليويزن ڪئميرائون، (4) بصري تاثر (Optical Effects) ۽ (5) صدا ڪاري يا آواز جو سلسلو (Sound System) سمجهڻ نهايت ضروري آهن. ٽيليوزن ڊرامي ۾ ڪهاڻي، چرندڙ پرندڙ تصويرن ذريعي پيش ڪجي ٿي. ٽيليويزن ڊراما نگار کي سٺن مڪالمن لکڻ جي ڏات سان گڏ تصويرن ذريعي ڪهاڻي ٻڌائڻ جو تجربو هئڻ گهرجي. سنڌي ٽي وي ڊرامي جو دور 1970ع کان شروع ٿئي ٿو. هن وقت سنڌي ٽي وي چينل ٽي. وي. ڊراما پيش ڪن ٿا. امر جليل، شمشير الحيدري، قمرشهباز، علي بابا، ڪيهر شوڪت، شوڪت شورو، طارق عالم ابڙو، نور گهلو، عثمان ميمڻ، اياز عالم ابڙو، زيب سنڌي ۽ ٻيا ٽي. وي ڊرامن جا مشهور ليکڪ آهن. سنڌي ليکڪن مان اردوءَ ۾ ٽيليويزن ڊراما لکندڙن ۾ عبدالقادر جوڻيجو ۽ نور الهديٰ شاهه تمام گهڻا مشهور آهن.


Remember Me Also:

پاندي

ث. [سن. پِڃجَڪا] ٽَڪَ تي ويڙهيل سُٽ جي ڍيري. ڪچي ڌاڳي جي ڍيري جا ٽَڪ تي ڪتيل هجي. هڪڙي پاندي پوري ڪري وري ٻي پاندي ڪتڻ شروع ڪبي آهي. ڪپهه جو ذرو، ڪپڙي جي تاڪِئي جي پڇڙي وارا ڌاڳا ، ڏَهِي ، چڏن ۾ ٿيل ڳوڙهي. ويلڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal